اڄ ترميم پارليامينٽ اچڻ جو امڪان، جي يو آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهڻ جي دعويٰ، حڪومت بدمعاشي نه ڇڏي ته ڳالهيون ختم ڪنداسين: فضل الرحمان
آڪٽوبر 18, 2024
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي آئيني عدالت واري تجويز تان دستبردار ٿي ويون، مسودو اڄ سينيٽ ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان طاهر ڪيو پيو وڃي.خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، تحريڪ انصاف پنهنجو مسودو پيش نه ڪيو جڏهن ته جي يو آءِ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي کي آئيني عدالت وارو مسودو واپس وٺڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي آئيني عدالت جو مسودو واپس وٺڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو، اجلاس دوران حڪومت پاران آئيني ترميمن جو مسودو پيش ڪيو ويو. ذريعن موجب حڪومتي مسودي ۾ آئيني عدالت جو ذڪر ناهي، آئيني بئنچ جوڙڻ تي پي ٽي آءِ سوڌو ڪنهن به پارٽي کي اعتراض ناهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت آئيني عدالت جي موقف تان پوئتي هٽي وئي آهي، اجلاس ۾ تجويز پيش ڪئي وئي ته آئيني عدالت بدران آئيني بينچ جوڙڻ گهرجي، پارلياماني جماعتن پاران سمورن مسودن کي گڏ ڪرڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، مسودي موجب پارلياماني ڪميٽي ٽن ججز جا نالا چيف جسٽس لاءِ تجويز ڪندي، جي يو آءِ چيف جسٽس جي مقرري واري معاملي تي اعتراض واري ڇڏيا، ذريعن موجب جي يو آءِ موقف رکيو آهي ته هينئر سينيارٽي بُنياد تي ئي چيف جسٽس جي مقرري ڪئي وڃي، اُن کانپوءِ ٽن ججز واري ڳالهه ڪئي وڃي.خورشيد شاهه چيو ته آئيني بينچ قائم ڪرڻ تي پي ٽي آءِ سميت سموريون ڌريون متفق آهن، مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڪا به وڏي رنڊڪ نظر نه ٿي اچي، خصوصي ڪميٽي جو اجلاس اڄ 12 هين وڳي وري ٿيندو جنهن ۾ مسودو مڪمل ڪيو ويندو، اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته پيپلزپارٽي، جي يو آءِ ۽ نون ليگ ۾ ترميمن واري مسودي تي اتفاق ٿي ويو آهي، ٻن ڏينهن اندر معاملي تي مڪمل اتفاق راءِ ٿي ويندو، ٻئي طرف حڪومت پاران آئيني ترميمن جو مسودو اڄ سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نواز ليگ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته آئيني ترميمون اڄ سينيٽ ۾ پيش ڪيون وينديون، جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اڄ صبح جو 11 وڳي ٿيندڙ اجلاس شام جو 6 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي
اسلام آباد(بيورورپورٽ) پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ آئيني ترميمن تي حتمي فيصلو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، ڪجهه ترميمن تي اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جڏهن ته باقي معاملن تي اڄ اتفاق راءِ ٿيڻ ۽ معاملا فائنل ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. حڪومت تي پارليامينٽ ميمبرن کي هراسان ڪرڻ ۽ خريد ڪرڻ جي ڪوششن جو الزام هڻندي چيو ويو آهي ته اهو سلسلو برقرار رهيو ته ڳالهيون اڳتي وڌي نه سگهنديون. پي ٽي آءِ پاران اڄ سموري ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. ڪالهه پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر جي سربراهي ۾ وفد جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي ۽ آئيني ترميمن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن مخالف ڌر جي وڏي پارٽي هجڻ ڪري پي ٽي آءِ کي ترميمن ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته قبوليت جوڳيون شيون پي ٽي آءِ قبول ڪيون آهن، ڪجهه ترميمن تي ڳالهيون اڄ به ٿينديون جنهن ۾ حتمي نتيجي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسون. هن تجويز ڏني ته پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي ۾ نمائندگي وڌائي وڃي، پاڪستان بار ڪائونسل، سپريم ڪورٽ بار جا نمائندا به شامل ڪيا وڃن انهن کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون. ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين جي مسودن تي صلاح ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان جي مفاهمت جي رويي کي حڪومت درست نه پئي وٺي، هڪ طرف ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته ٻئي طرف ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جي يو آءِ جا 2 ميمبر اغوا ڪيا ويا آهن جن جا ٻار اسان وٽ موجود آهن هڪ ميمبر کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ هڪ کي ووٽ ڏيڻ جي صورت ۾ وڏي رشوت آڇي وئي. شاهه محمود قريشي جي ننهن، اختر مينگل جي سينيٽر عورت کي ستايو ويو، حڪومت اهڙا هٿڪنڊا نه روڪيا ته ڳالهيون بند ڪنداسين، بدمعاشي قبول نه آهي، بدمعاشي ڪئي وئي ته اسان به بدمعاشي وارو رويو اختيار ڪنداسين پوري احترام سان ڳالهيون ڪنداسين جيڪي حرڪتون ڪري رهيا آهيو اهي قبول نه ٿيون ڪري سگهجن. اسان جي خلوص ۽ سنجيدگي تي ٺٺولي ڪئي وڃي ته اهو قبول نه هوندو، رويا درست نه ٿيا ان کان به وڌيڪ سخت موقف اختيار ڪنداسين. اڄوڪي ڏينهن تي صورتحال تبديلي ڏسڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سڀني ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پارٽي هدايت موجب ووٽ ڏيندا. هن چيو ته 63 اي فيصلي کي ان وقت به غلط چيو هو اهو ڪنهن جي لاءِ آندو ويو هو پر اڄ هن وقت تي اهو نظرثاني جو فيصلو اهڙي وقت ۾ ڏنو ويو آهي جو حڪومت کي فائدو ٿئي. هن چيو ته اهڙي طريقي سان قانونسازي جو ڪو فائدو نه آهي، هٿڪنڊا ڏسي رهيا آهن تڪراري آئيني ترميم پاس ڪرائي وئي ڪنڌ ۽ ٻانهن مروڙي ترميم پاس ڪرائي وئي ته اها جمهوريت نه هوندي. هن چيو ته هن نامزد پارليامينٽ کي ايتري وڏي ترميم جو حق نه آهي، اسان ان صورت ۾ به وڃي سگهون ٿا ته پارليامينٽ کي نه مڃون. پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر خان چيو ته خصوصي ڪميٽي ٺهڻ جي پهرئين ڏينهن کان ميمبرن کي اغوا ڪيو پيو وڃي پر اسان هڪ به گڏجاڻي مس نه ڪئي، حڪومت جي ايجنڊا تي سواليا نشان آهن ته ڇا هي پارليامينٽ آئيني ترميم جو حق رکي ٿي؟ پر پوءِ به اسان ڳالهيون ڪيون پيا. هن چيو ته مولانا سان ڳالهايو آهي ته اسان ڳتي وڌي رهيا آهيون پر اسان جي ايم اين ايز ۽ سينيٽرز کي هراسان ڪيو پيو وڃي پوءِ اهڙي ترميم جو ڪهڙو فائدو آهي. ائين ڪيو ويو ته ترميمن ۾ شريڪ نه ٿينداسين. هن چيو ته اسان ڪيترين ئي شين تي اتفاق ڪري ورتو آهي سڀاڻي سڀ ڪجهه فائنل ٿي ويندو. پر حڪومتي رويو اهو رهيو ته اڳتي نه وڌنداسين. هن چيو ته جيڪو پ پ جو مسودو سامهون آيو آهي ان ۾ فوجي عدالتن جو ذڪر نه آهي. ٻئي طرف اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت وٽ نمبر پورا نه آهن ان ڪري هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته پي ٽي آءِ پاران 26 هين آئيني ترميم خلاف اڄ ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ 26 هين آئيني ترميم کي تحريڪ انصاف خلاف سازش قرار ڏنو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي ايوانن ۾ ترميم خلاف ڀرپور رستا روڪ ڪئي ويندي جڏهن ته اڄ ملڪ گير احتجاجي مظاهرن جو اعلان پڻ ڪيو ويو. ٻئي طرف ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور چيو آهي ته 26 هين آئيني ترميم خلاف اڄ سموري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، هن چيو ته زور زبردستي ۽ گرفتارين سان ڪجهه نه مليو ته هاڻ ترميم آندي پئي وڃي، ياد رکو اوهان جو به وارو ايندو. ٻئي طرف ٻئي طرف جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۾ آئيني ترميم جي معاملي تي فارورڊ بلاڪ ٺهڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي رپورٽ موجب جي يو آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي ويو آهي جنهن ۾ 4 کان 5 ميمبر شامل آهن. اهي ميمبر پنهنجي ضمير جي آواز تي آئيني ترميم ۾ حڪومت کي ووٽ ڏيندا. ٻئي طرف جي يو آءِ جي ترجمان اسلم غوري چيو آهي ته اسان جي رڳو هڪ سينيٽر سان رابطو نه پيو ٿئي جنهن لاءِ مولانا عبدالغفور حيدري ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پارٽي ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه ٺهيو آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وفد بعد رات دير سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آئيني ترميمن تي ڳالهائڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان وٽ پهچي ويو. آخري اطلاعن تائين ڳالهيون جاري هيون