اڄ رات 12 وڳي چونڊ مهم ختم ٿيندي: خميس تي چونڊون: عالمي مبصر گروپ پهچي ويا: موبائل فون ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو نه ٿيو

فيبروري 6, 2024

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اليڪشن 2024 لاءِ چونڊ مهم جو اڄ آخري ڏينهن آهي،  رات ٻارهين وڳي کانپوءِ اميدوار چونڊ مهم نه هلائي سگهندا، خميس تي پولنگ ٿيندي جڏهن ته عالمي مبصر گروپ پهچي ويا

ملڪ ۾ خميس تي رٿيل عام چونڊن جي سلسلي ۾ چونڊ مهم جو اڄ آخري ڏينهن آهي،  آخري ڏينهن مسلم ليگ نواز جو قصور ۾ پاور شو ٿي رهيو آهي جنهنکي نواز شريف، مريم نواز، شهباز شريف ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ آخري جلسي کي خطاب ڪري پ پ اميدوارن کان عوام جي خدمت ڪرڻ جو وچن ورتو

ٻئي طرف پولنگ لاءِ 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز پهچائڻ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ وقت اصل سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ لازمي آهي، مُدي خارج سڃاڻپ ڪارڊ تي به ووٽ وجهي سگهجي ٿو

هوڏانهن پاڪستان ۾ چونڊن جي نگراني لاءِ بين الاقوامي مبصر گروپ پهچي ويا آهن، ڊاڪٽر گُڊ لَڪ جي سربراهي ۾ اسلام آباد پهتل دولت مشترڪه جي مبصر گروپ جي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان ملاقات ٿي

 نگران وزيراعظم مهمان وفد جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت بين الاقوامي مبصرن کي چونڊن جو جائزو وٺڻ لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪندي، نگران حڪومت ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ گهربل سمورا قدم کڻي رهي آهي

سندس چوڻ هو ته هر جماعت کي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ مناسب ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي، چونڊن دوران عوام فيصلو ڪندو ته پاڪستان جي قيادت ڪهڙي جماعت جي حوالي ڪرڻي آهي

مهمان وفد دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جو نگران وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن وارو پيغام به پهچايو آهي

اليڪشن جي موقعي تي موبائيل فون يا انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو نه ٿيو آهي، 2018 جي چونڊن دوران رتوڇاڻ جي واقعن ۾ 666 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا هئا

نگران وفاقي گهرو وزير گوهر اعجاز جي سڌسماءَ واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هيل ڪوشش آهي ته چونڊون پرامن ٿين ۽ ڪو به جاني نقصان نه ٿئي

گوهر اعجاز چيو ته سنڌ ۾ چونڊن جو ماحول زور شور سان جاري آهي، ڪنهن سياسي جماعت جي ٻي سياسي جماعت سان دشمني نه ٿي لڳي، سنڌ ۾ فوج، سول آرمڊ فورسز ۽ پوليس سيڪيورٽي لاءِ مقرر آهن، بلوچستان جو به دورو ڪيو آهي، اتي به اميدوارن وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ نه آهي

هن چيو ته ووٽ ڏيڻ توهان جو حق آهي، جنهن کي وڻي ووٽ ڏيو، اسان کي انهن قوتن کان خطرو آهي جيڪي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿيون

Leave A Comment