اڄ سنڌ ۾ تيز برسات، ڪراچي به جل ٿل
جُون 28, 2025
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ ۾ اڄ به تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ بدين ۾ تيز برساتن جي امڪان کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪيو آهي. خدشو آهي ته هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويندا ۽ شهري زندگي متاثر ٿيندي.
موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات پئي. سڀ کان وڌيڪ برسات مٺي ۾ 53 ملي ميٽر، جڏهن ته ٿرپارڪر ۾ 45 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. نوابشاهه ۾ 49 ملي ميٽر ۽ حيدرآباد ۾ 43 ملي ميٽر مينهن پيو.
اهڙي طرح ڇور ۾ 37 ملي ميٽر، ٽنڊي ڄام ۾ 26 ملي ميٽر ۽ ميرپورخاص ۾ 24 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري رهي، گلشن حديد ۾ سڀ کان وڌيڪ 17 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. فيصل بيس تي 12 ملي ميٽر، يونيورسٽي روڊ تي 11 ملي ميٽر ۽ ايئرپورٽ تي 9 ملي ميٽر مينهن پيو.
گڊاپ، ڪورنگي، ڊي ايڇ اي ۽ نارٿ ڪراچي ۾ 8 ملي ميٽر، ڪيماڙي ۾ 6 ملي ميٽر، سرجاني ۽ جناح ٽرمينل ۾ 5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
موسميات کاتي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته برسات دوران شهري احتياط ڪن، هيٺاهين وارن علائقن مان گذرڻ کان پاسو ڪن ۽ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رکيو وڃي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي.