| اڄ معاهدو ٿي سگهي ٿو، هرمز نه کليو ته سڀاڻي رات 8 وڳي ايران کي جهنم بڻائينداسين: ٽرمپ جون گاريون ۽ ڌمڪيون |
واشنگٽن/تهران/تل ابيب (م ڊ) ايرانتي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جاري آهي. ايران جي پيٽرو ڪيميڪل پلانٽن تي حملا ڪيا ايران به بدلو وٺندي عرب امارات ۾ پيٽروڪيميڪل پلانٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو. مليل اطلاعن موجب ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل وڌيڪ حملا ڪيا اسرائيل ايران جي پيٽروڪيميڪل پلانٽن تي حملا ڪيا 5 ڄڻا شهيد، 170 زخمي ٿي پيا. آمريڪي ۽ اسرائيلي فوج ايران تي حملا جاري آهن، ايران جي پيٽروڪيميڪل ٿاڪن تي حملي ۾ 5 ڄڻا شهيد جڏهن ته 170 زخمي ٿي پيا. آمريڪا ايران جو شاهڪار اسپورٽس اسٽيڊيم به تباهه ڪري ڇڏيو، هن اسٽيڊيم ۾ تاريخي ميچون ٿينديون هيون پر هاڻي هتي هر پاسي تباهي پکڙيل آهي. ايران جا حملا به جاري رهيا سعودي سرحد ويجهو عرب امارات جي پيٽروڪيميڪل پلانٽ تي حملو ڪيو ويو، حملي کانپوءِ بروج پيٽروڪيميڪل پلانٽ ۾ ڪيترن هنڌن تي باهه لڳي وئي. ابوظهبي اختيارين جو چوڻ آهي ته پيٽروڪيميڪل پلانٽ ۾ باهه ميزائل جي ملبو ڪِرڻ سبب لڳي، بروج پلانٽ جون هڙئي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن، بروج پيٽروڪيميڪل پلانٽ ابوظهبي جو وڏو صنعتي مرڪز آهي. عرب امارات جي پورٽ تي حملي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. لبنان ۾ اسرائيل پنهنجي حملن کي جاري رکيو حزب الله جو چوڻ آهي ته هن اسرائيلي فوجن ۽ اتر اسرائيل ۽ ڏکڻ لبنان جي سرحد تي حملا ڪيا. ڏکڻ لبنان ۾ شمع شهر جي ويجهو اسرائيلي فوجن کي نشانو بڻائي هڪ ڌماڪيدار ڊيوائس ڌماڪو ڪيو، ۽ بعد ۾ بچاءُ واري فورس تي فائرنگ ڪئي. عيناته شهر جي ويجهو اسرائيلي پوزيشن ۽ فوجين جي گڏجاڻين کي نشانو بڻائي راڪيٽ حملا ڪيا، انهي سان گڏ اتر اسرائيلي شهرن نهاريا ۽ ميٽولا ڏانهن راڪيٽ فائر ڪيا. اتر اسرائيل ۾ ميرون ايئر آپريشن ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول بيس کي راڪيٽن سان نشانو بڻايو.
واشگنٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هرمز کاڙي نه کولڻ تي ايران کي شديد نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏيندي اڱاري تي اوڀر جي وقت موجب رات جو 8 وڳي ايران جي پلن، بجلي گهرن سميت سموري انفرااسٽرڪچر تي حملا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڄ سومر تي ايران سان معاهدو ٿيڻ جو امڪان موجود آهي. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن ايران هرمز کاڙي کي نه کوليو ته شهري انفرااسٽرڪچر کي نشانو بڻايو ويندو ۽ ايران تي قيامت ٽٽي پوندي. هن چيو ته اڱاري تائين جيڪڏهن هرمز کاڙي نه کوليو ويو ته اِهو ڏينهن ايران لاءِ پاور پلانٽ ۽ پُلن تي حملن جو ڏينهن ثابت سگهي ٿو. ٻي پوسٽ ۾ هن لکيو ته اڱاري جي ڏينهن رات جو 8 وڳي اوڀر جي وقت (ايسٽرن ٽائم) موجب (حملا شروع ڪيا ويندا) جڏه ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪندي چيو ته تهران تي بمباري دوران ڪيترائي ايراني فوجي آفيسر مارجي ويا آهن. وقت اچي ويو آهي ته ايران گهڻي دير ٿيڻ کان اڳ ڪو فيصلو ڪري انهي کان پهريان جو ايران جو سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي جيڪو هن وقت به هڪ عظيم ملڪ بنجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آمريڪي صدر تصديق ڪئي ته ايران ۾ ڪري تباهه ٿيل آمريڪي جنگي جهاز جي گم ٿي ويل آفيسر کي ڪاميابي سان بازياب ڪرايو ويو. صدر ٽرمپ چيو ته اسان هن کي حاصل ڪري ورتو! گذريل ڪجهه ڪلاڪن ۾ آمريڪي فوج تاريخ جو جرئتمنداڻو سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن انجام ڏنو اسان جو هڪ اهم آفيسر جيڪو هڪ معزز ڪرنل به آهي انهي کي حفاظت سان واپس وٺي آيا آهيون. رپورٽن موجب اهو فوجي ايف ففٽين ايگل جهاز ڪرڻ کان پوءِ گم ٿي ويو هو تقريبن ٻن ڏينهن تائين ايراني اختيارين کان بچندي روپوش رهيو. جنهن کان پوءِ آمريڪي فورسز هڪ ڳجهي ۽ انتهائي خطرناڪ آپريشن جي ذريعي انهي کي ايران کان ٻاهر ڪڍي ورتو. ميڊيا ذريعن موجب اهو ريسڪيو آپريشن رات جي اونداهي ۾ ڪيو ويو جنهن جي دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ به ٿي. رپورٽون آهن ته ايراني اختيارين کي به انهي اهلڪار جي امڪاني لوڪيشن جو اندازو هو جنهن سبب آپريشن وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويو. سرڪاري طور تي انهي ڳالهه جي تصديق نه ڪئي وئي آهي ته انهي ڪارروائي ۾ ڪهڙي فورس شامل هئي پر اندازو لڳايو پيو وڃي ته اهو آپريشن آمريڪي اسپيشل فورسز انجام ڏنو. آمريڪي اختيارين موجب بازياب ٿيل اهلڪار هاڻ ايران کان ٻاهر منتقل ڪيو ويو آهي جيڪو مڪمل طور تي محفوظ آهي. فاڪس نيوز سان هڪ انٽرويو ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سڀاڻي ڪنهن معاهدي تي پهچڻ جو “مضبوط امڪان” آهي جيڪڏهن جنگ ختم ڪرڻ لاءِ جلد ڪو معاهدو نه ٿيو ته ايران ۾ هر شيءِ کي تباهه ڪرڻ ۽ ايران جي تيل تي قبضو ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهيان. اهي هاڻي ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
تهران (م ڊ) ايران جي پاسداران انقلاب جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني فوج صوبي اصفهان جي ڏاکڻي علائقي ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائي دوران 2 سي 130 جهاز ۽ 2 بليڪ هاڪ هيليڪاپٽر تباهه ڪري ڇڏيا. ايراني ميڊيا موجب اها ڪارروائي اهڙي وقت ٿي جڏهن آمريڪي فوج هڪ ڪيرايل ويڙهاڪ جهاز جي گم ٿي ويل عملي جي ميمبر کي ريسڪيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. انهي کان اڳ به اهڙيون رپورٽون سامهون آيون هيون ته انهي آپريشن جي دوران هڪ سي 130 جهاز تباهه ٿي ويو هو پر هاڻ پاسداران انقلاب وڌيڪ جهازن ۽ هيليڪاپٽرن کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ترجمان موجب ايراني دفاعي نظام آمريڪي فوجين جي چرپر کي وقت تي نشانو بنايو ۽ دشمن کي ڳرو نقصان پهچايو. ٻئي طرف انهي دعويٰ تي اڃا تائين آمريڪي اختيارين طرفان ڪوبه باضابطه رد عمل سامهون نه اچي سگهيو آهي. ايراني هٿياربند فوج جي گڏيل ڪمان خاتم الانبياءَ سينٽرل هيڊڪوارٽر جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته ڏکڻ اصفهان جي هڪ غيرفعال هوائي اڏي تي آمريڪي فوج جو مبينا ريسڪيو آپريشن مڪمل طور ناڪام ٿي ويو. ترجمان چيو ته وڌيڪ جاچ مان پتو پيو ته هن ڪارروائي دوران آمريڪي فوج جا ٻه C-130 فوجي ٽرانسپورٽ جهاز ۽ ٻه بليڪ هاڪ هيليڪاپٽر تباهه ٿيا. بيان ۾ چيو ويو ته ان واقعي سبب آمريڪي فوج جي لڳاتار ناڪامين ۾ واڌارو ٿيو آهي ۽ اهو ثابت ٿيو آهي ته هو هن جنگ ۾ سرسي حاصل ڪندڙ قوت ناهي. ترجمان موجب هن ڪارروائي کانپوءِ آمريڪي صدر نفسياتي جنگ ذريعي صورتحال تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته زميني حقيقتون ايراني هٿياربند فوج جي سرسي ظاهر ڪن ٿيون. آمريڪي ميڊيا به ٻه هيليڪاپٽر ۽ هڪ سي 130 جهاز تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ميڊيا موجب آمريڪي پائلٽ جي ڳولا دوران 2 بليڪ هاڪ جنگي هيليڪاپٽر تباهه ٿيا، جڏهن ته ايراني شهر اصفهان جي ڏکڻ ۾ C-130 ڪارگو جهاز پڻ تباهه ٿيو. آمريڪي فوج ڄاڻي واڻي ٻنهي هيليڪاپٽرن ۽ ٽرانسپورٽ جهاز کي تباهه ڪيو. ايراني فوج جي مزاحمت سبب آمريڪي فوج کي هيليڪاپٽرن ۽ جهازن جي قرباني ڏيڻي پئي، ڇو ته جهازن ۾ موجود حساس ڄاڻ لڪائڻ لاءِ انهن کي ناڪارا بڻائڻ اڻٽر هو. ٻئي طرف ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا لاپرواهه ڪارناما آمريڪا کي هر خاندان لاءِ دوزخ ۾ تبديل ڪري رهيا آهن. خوش نه ٿيو توهان کي انهن جنگي ڏوهن مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نتنياهو جي حڪمن تي عمل ڪندو آهي واحد حل ايراني عوام جي حقن جو احترام ڪرڻ ۽ هن خطرناڪ راند کي روڪڻ آهي.