| اڄ پيٽرول 4.59 رپيا، ڊيزل 2.79 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان |
اسلام آباد (م ڊ) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ لاٿ سبب پاڪستان ۾ 16 جنوري کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي. پيٽرول جي اگهن ۾ 4 رپيا 59 پيسا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 79 پيسا في ليٽر لاٿ ٿي سگهي ٿي. ذريعن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ رپيو 82 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2 رپيا 8 پيسا في ليٽر لاٿ ٿي سگهي ٿي. اوگرا اگهن ۾ تبديلي لاءِ ورڪنگ مڪمل ڪري ورتي، جيڪا پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ويندي. پيٽروليم ڊويزن ناڻي واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ اگهن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.