اڄ کان 30 مارچ تائين گجگوڙ ۽ برسات جي اڳڪٿي

اڄ کان 30 مارچ تائين گجگوڙ ۽ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اڄ 24 کان 30 مارچ دوران تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برسات جو سلسلو جاري رهي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب نئون برساتي سسٽم بلوچستان، ڪي پي ، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته 25 کان 29 مارچ دوران سنڌ جي مختلف علائقن،ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻو ۾ گجگوڙ سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته مري،گليات، سوات ۽ ٻين اتري علائقن ۾ برفباري پڻ ٿي سگهي ٿي، موسميات کاتي زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ سفر ڪندڙن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.