اڄ گهرجين تون، بڊاماڻي پنرا
مٿي مٿان مون، ويرين واٽون لايون
لاڙ اسان جو عشق آهي. لاڙ سنڌ جي اها سرزمين، جتي اسان جي تاريخ جي لازوال ڪردارن جي هڪڙي مالها آهي، جيڪا شهيد شاه عنايت کان دودي سومري تائين، ٻاگهل ٻائيءَ کان مرکان شيخڻ تائين، بڊاماڻي پنري کان لاکي ڦولاڻي تائين، ڄام نندي کان شهيد فاضل راهوءَ تائين سنڌ جي تاريخ جا گهڻا امر ڪردار لاڙ جا آهن. ڌرتيءَ جي سونهن ۾ به لاڙ سرس رهيو آهي. سدا سائي زمين ڪلر ته هاڻي پئي ٿئي، نه ته لاڙ سارين جي ساون فصلن سان ڍڪيل تڪن جا تڪ، سامونڊي پٽي ان پٽي تي سکي ستابي، سنڌ جا حسين بندرگاه شاهبندر، ڪيٽي بندر، علي بندر ۽ ديبل بندر. اڄ به جڏهن انهن بندرگاهن جي وسندڙ دؤر جو تصور ٿو ڪجي ته من خوش ٿيو وڃي. ڪنهن زماني ۾ جڏهن ڀنڀور ۽ ديبل آباد هئا ته چون ٿا ڀنڀور جي قلعي تي ست سئو ديپ ٻرندا هئا. سامونڊي ٻيڙن وسيلي سنڌ ايندڙ پرديسي واپارين جي انهن جڳمڳائيندڙ ڏيئن جي روشنيءَ تي نظر پوندي هئي ته هڪ ٻئي کي چوندا هئا ته سنڌ اچي وئي، خوشحالي جو ديس اچي ويو.
ڏُورانهين کان ايندڙ ٻيڙا
جڳمڳ جڳمڳ ڏيئا ڏسجن
وڻجارو چئي وڻجاري کي
خوشحاليء جو ديس اچي ويو
ها ھُو ديبل بندر آھي
جنهن تي سهسين ديپ ٻرن ٿا
راتيون جاڳن, ڏينهن وانگي
خوشبوءِ جو وهنوار هلي ٿو
دريا مست الست جتان جو
ساگر ڀاڪر منجهه ڀري ٿو
سج الهي ٿو ٺٽي ۾ ۽
ميندي ميندي رات ٿئي ٿي
دئاري دئاري ٽھڪ ٻُرن ٿا
ديس سڄي ۾ بي اُلڪائي
ٻيڙي ٻيڙي ڪپر تي آ
ماڻھُو ماڻھُو مهڪي پيو ٿو
بندر بندر بازارون هن
وڻجارين جا ويڻ به آھن
دُور جنين جا سيڻ به آھن
هونئن ته اک اک منجهه اڪاريل
پنهنجو پنهنجو پيار سڀن کي
اوٽي اوٽي تي آجائي
آڏاڻا ۽ اّرٽ جيئن پيا
خوابن کي ساڀيائون اينديون
تيسين منهنجا خواب جيئن پيا
تيسين منهنجا خواب جيئن پيا
لاڙ پٽ جي روايتي مڙسيءَ واري ڪردار بڊاماڻي پنري جي زماني ۾ پکي پکڻ کي به تحفظ جو احساس هوندو هو، جنهن جي شاهدي شاھ لطيف ڏني هئي:
“چيتاري چڻيج، بڊاماڻي پٽ ۾”
لطيف پکين کي مخاطب ٿي چوي ته هاڻي چيت سان چڻجو. بڊاماڻي پنرو ويو هليو، متان ان آسري بي ڊپا ٿيو گهمو.
اڄ ڪلھ ته پاڻ وٽ اليڪشن جي ڏينهن ۾ وڏيرا پنهنجي اليڪشني پوسٽرن تي ڌمڪي آميز نعرو لکائيندا وتندا آهن ته، “لوئي ۽ لڄ جو محافظ” ٻي معني` ۾ ووٽ نه ڏنئي ته اها محفوظ ڪو نه رهندي. لوئي ۽ لڄ جو محافظ تون ڇا ٿيندي! تون ته شڪاري ڪوٺيو هرڻيون مارايو ڇڏين! پاڙي جي غريب جي ٻه ايڪڙ ٻني تي قبضو ڪرايو ڇڏين! اهو بڊاماڻي پنرو هو، جنهن جي حياتي هن جي راڄ ۾ ڪو شڪاري پکي به ڪو نه ماري سگهندو هو، جنهن لاء ناٿو فقير لنڊ چوندو هو ته، پٽيهل درياه جي جڏهن بڊاماڻي پنري تي نظر پوندي هئي ته اڇلون ڏيئي ڪنارن کان ٻاهر نڪرندو ڇوليون پيو هڻندو هو. اڄوڪي دور ۾ ته سڀني درياهن ۾ ڌوڙ پئي اڏامي. سمنڊ زمينون پيو ڳيهي وڃي.
پٽيهل تو ۾ پور، اڳيون ناهي آب جو،
سڪين ڪهڙي سور، جو پيئي واري وچ ۾.
شهيد فاضل راهو جديد سنڌ جو عظيم سورمو هو، جيڪو ايوب جهڙي آمر سان وڙهيو، ضيا جهڙي پليت سان وڙهيو، ڪاري رات جي سامهون هن اڇي صبح جي ڳالھ ڪئي. هن ماڻهن جي نجات جا سکڻا نعرا ڪونه هنيا پر ان نجات لاء عمل جي ميدان ۾ بغاوت جو علم کڻي وڙهيو ۽ ايتري سچائيءَ سان وڙهيو، جو وقت جي حڪومت کي هن کي قيد ڪرڻو پيو. نه رڳو فاضل راهو پاڻ قيد ٿيو پر ان جدوجهد ۾ هن جون نياڻيون به قيد ڪيون ويون. اهو سچو انقلابي ليڊر، جنهن جا رڳو ڪارڪن نه پر هن جون ڀينرون ۽ نياڻيون به روڊن تي هيون ۽ جيلن ۾ هيون. اڄوڪي وقت جا ليڊر ته ويچارا پاڻ ايڏا بي ضرر آهن، جو انهن پاڻ جو ئي ڪير نالو ڪو نه ٿو وٺي.
فاضل برجنس رڪ هو رڪ. نه جهڪڻ وارو مضبوط ترين ماڻهو. توهان تصور ڪريو اسان منجهان ڪنهن ماڻهوءَ سان اهو وهنوار ٿئي، جو اسين پاڻ جيل ۾ هجون، اسان جون نياڻيون پوليس گهرن ۾ گهڙي گرفتار ڪري کڻي اچي بند ڪري ڇڏي ته اسين سڀ اصول، سڀ نظريا ڇڏي ٺاھ ڪري ڇڏينداسين. ماٺ ڪري گهر ويهي رهنداسين پر فاضل پوء به نه جهڪيو، نه ئي سندس تحريڪ ڪنهن جبر وسيلي جهڪي. ان ڪري جو ان کي ليڊ ڪيو پئي فاضل جهڙن ماڻهن. جن ماڻهن کي اها هڪڙي ڳڻتي هئي ته پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن جي گذر سفر جا وسيلا ڪيئن بچائجن ۽ ٻيو ته هنن جي منزل ڪا ڪرسي يا قلمدان ڪو نه هو. هنن جي منزل هئي تاريخ ۾ ڪيئن زنده رهجي! زندگيون ٻه آهن: هڪڙي هيءَ زندگي، جيڪا پاڻ سڀ جيئون ويٺا گاڏيون، گهر، بنگلا، نوڪريون، ٻنيون ٻارا ۽ ٻي زندگي آهي تاريخ ۾ زنده رهڻ. اهو ادراڪ صرف وقت جي تمام وڏن ماڻهن کي ئي هوندو آهي ته تاريخ ۾ ڪيئن زنده رهجي ۽ اهو ادراڪ فاضل کي هو. اها ئي اصل زندگي آهي، جو اڄ اسين چاليھن سالن کانپوءِ به هن کي قومي هيرو طور ياد پيا ڪريون. فاضل چاهي ها ته پنهنجي آسپاس جي ٽاپرو وڏيرن وانگي چمچا گيري ڪري، ڪورنشون بجا آڻي، جي حضوريون ڪري، آرام واري زندگي گذاري پئي سگهيو پر نه. هن ظلم و ستم جا جيڪي ڪوه گران هئا، انهن کي تهس نهس ڪرڻ جي جنگ ڪئي. هو بيواجبين جي خلاف مسلسل وڙهيو. هن جدوجهدون ڪيون. فاضل ميٽنگن جو ماڻهو ڪو نه هو. ھُو عمل جو ماڻهو هو. هُو عمل ڪندو هو. هزارين رڪاوٽون ٽوڙي ۽ دهشتون اورانگي ڌرڻا هڻندو هو. ريليون ڪڍندو هو. ماڻهن جي سڏ ۾ سڏ ڏيندو هو. روايتي طور ڦوٽو ڪڍائڻ وارو سڏ نه، پر سچو پچو سڏ ڏيندو هو.
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين
جيستائين زنده هو، مسلسل جدوجهد ۾ هو، مسلسل پنڌ ۾ هو. مسلسل پنهنجن ماڻهن سان گڏ بيٺو هو. ڪٿي ساهي ڪو نه پٽيائين. ڪٿي ورچي ڪو نه ويٺو. سمجهوتا ڪو نه ڪيائين.
وچ ڪٽ ڪو نه ڪيائين. ڪوڙو انقلابي ڪو نه ٿيو. جيئن “هت به رهيائون رس، هت به گڏيون هوت کي”.
وقت جا يزيد ۽ فرعون هن کي جهڪائي به نه سگهيا ۽ خريد ڪري به نه سگهيا. جيل ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾ سڄي آڪھ سميت قيد ڪري به خاموش نه ڪري سگهيا ته سازش وسيلي شهيد ڪرائي ڇڏيائون. چي گويرا کي مخبري ڪري گرفتار ڪرائيندڙ ٻڪرار کان پڇيائون تو ايئن ڇو ڪيو؟ هو ته پاڻ سڀني جي آجپي لاءِ پئي وڙهيو. چيائين: چي گوليون هلائيندو هو ته منهنجو ٻڪرين جو ڌڻ ٽهي ويندو. فاضل جي قاتل وٽ به اهو جواز هو ته منهنجو ابو چور خان هو. چوري ڪري آيو، پئي پويان وارهاڙو رسي ويو. ان وارهاڙي مان ابي کي جيڪا گولي لڳي، اها فاضل هنئي. ٻنهي نادانن اهو نه سوچيو ته هنن پنهنجي وطن سان ڪهڙو ويل ڪري ڇڏيو. پنهنجي ڌرتيءَ کي ڪيئن سڃو ڪري ڇڏيو. فاضل جهڙا ماڻهو هليا ويندا آهن ته وطن اڪيلا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ صدين کان پوءِ وڃي وري اهڙا ماڻهو پئدا ٿيندا آهن، جيڪي فاضل وانگر ڏاها، بهادر ۽ بي ڊپا هوندا آهن. هڪڙي ڌڪ سان کٽيل بازي هارائي وياسين. سوين سال پٺتي هليا وياسين پر ان تي مايوس ڪو نه ٿبو. فاضل جي هٿ مان ڪريل علم هٿ ۾ کڻي اڳتي وڌبو.
قتل گاھوں سے چن کر همارے علم
اور نکلیں گے عشاق کے قافلے
فاضل جي ٻني، فاضل جا بنگلا، فاضل جون گاڏيون، فاضل جي اولاد جي ملڪيت آهن پر فاضل جو نظريو، فاضل جي مظلوم طبقن لاء جدوجهد، فاضل جو علم سنڌ جي باشعور ماڻهن جي ملڪيت آهي۔ اهو اسان جو ورثو آهي۔ شهيد کي اصل ڀيٽا ئي اها آهي ته اسين سندس زندگيءَ کي مشعلِ راھ بڻائي اڳتي وڌون. هن پاران ظالمن ۽ غاصبن سان شروع ڪيل جنگ ۽ هن جي نظريئي کي گم ٿيڻ نه ڏيون.
جي راھ اجل ڪنهن ورتي آ
هن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ