| اچو هڪ ٻئي کي معاف ڪريون، جمهوري ڊائلاگ لاءِ تيار آهيون، عمران سان ملاقات ڪرايو: قومي ڪانفرنس |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشري بي بي جي سزا واري فيصلي جي مذمت ڪندي ان کي انصاف نه پر ناانصافي قرار ڏنو آھي تفصيل موجب اسلام آباد ۾ اپوزيشن اتحاد جي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي تحفظ تحريڪ آئين جي سربراهه محمود اچڪزئي چيو ته اچو ته هڪٻئي کي معاف ڪريون، اسان به توهان کي معاف ڪريون ٿا، جمهوري ڊائلاگ لاءِ تيار آهيون، رڳو باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي، هن چيو ته نواز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي درخواست آهي ته گڏ ويهي مسئلن جو حل ڪڍن، سينئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو ته پرامن احتجاجي تحريڪ وسيلي آئين کي بحال ڪرائڻو آهي، ماڻهو جيل وڃڻ لاءِ به تيار آهن، اسان ٽڪراءُ جي سياست جا حامي نه آهيون، ڊائلاگ جي دعوت ڏيون ٿا پر ڳالهه اڳتي نٿي وڌي، بي اين پي جي سربراهه عطاءُ الله مينگل چيو ته انصاف رڳو طاقتور لاءِ آهي، ملڪ ۽ آئين ٽوڙيندڙن کي گارڊ آف آنر ڏنو ويو، غلطي سان جج سزا ڏني ته ان سان ڇا ٿيو؟ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته جڏهن اڄ جهڙا فيصلا ٿيندا ته عوام ۾ مايوسي ٿيندي، اسد قيصر چيو ته انصاف ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي، پي ٽي آءِ باني کي شفاف ٽرائل جو حق ملڻ گهرجي، ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته مزاحمتي تحريڪ هجي يا ڳالهيون، ڪي پي حڪومت اوهان سان گڏ هوندي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو ته پرامن سياسي جدوجهد سان اڳتي وڌڻو پوندو، جماعت اسلامي فيصلو ڪيو آهي ته هو پنهنجي پليٽ فارم تان جدوجهد جاري رکندي. صفدر عباسي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ مرتضيٰ جتوئي کي مختلف ڪيسز ۾ ڦاسايو ويو آهي، سيد زين شاهه چيو ته هر مهيني منهنجي ۽ ساٿين مٿان هڪ نئون ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو. ڪانفرنس کي سينيٽر علامه راجه ناصر عباس، سلمان اڪرم راجا، لاهور واسي عورت وڪيل رابعه باجوه ، صدر پي ايف يو جي افضل بٽ، اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد، افراسياب خٽڪ، قومي وطن پارٽي جي هاشم خان، مصطفىٰ نواز کوکر، فردوس شميم نقوي، جنيد اڪبر ۽ اڳوڻي گورنر سنڌ زبير عمر ۽ ٻين خطاب ڪيو.