| اچو ڳالهيون ڪريو: پاڪستان ايران کي راضي ڪرڻ لاءِ سرگرم |
اسلام آباد (م ڊ) باخبر ذريعن موجب پاڪستان ايران سان اعليٰ سطحي سفارتي رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن تهران کي ڳالهين جي ٻئي دور ۾ شرڪت تي راضي ڪري سگهجي جنهن جو مقصد نازڪ جنگبندي برقرار رکڻ ۽ پائيدار امن جو رستو کولڻ آهي. انهي اڳڀرائي کان آگاهه اختيارين موجب پاڪستان جي اعليٰ قيادت ايراني اختيارين سان فعال رابطي ۾ آهي، انهي حوالي سان نائب وزيراعطم پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي سرگرم آهن. ذريعن موجب پاڪستان جو بنيادي مقصد ڪنهن به امڪاني تڪرار کي روڪڻ ۽ ڳالهين کي يقيني بنائڻ آهي ته جنگبندي ۾ واڌ ٿي سگهي. اسلام آباد ٻنهي ڌرين کي سڌو سنئون ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي ته جيئن ڊگهي مدي تائين استحڪام حاصل ٿي سگهي. هڪ باخبر ذريعي جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اسلام آباد ايران جي جواب جي انتظار ۾ آهي. انهي ذريعي سان نجي چينل جي ڳالهه ٻولهه ڪالهه رات جو ٿي هئي. ايران طرفان شرڪت جي تصديق ٿيندي ئي پاڪستان ڳالهين جي ٻئي دور جي ميزباني لاءِ تيار آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڳالهين، سهولتڪاري ۽ ميزباني جي لاءِ تيار آهي.