اچڪزئي انهن سان ڳالهائي پيو جن سان ڳالهائڻ گهرجي: پي ٽي آءِ اڳواڻ

  اچڪزئي انهن سان ڳالهائي پيو جن سان ڳالهائڻ گهرجي: پي ٽي آءِ اڳواڻ

ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ نثار احمد جٽ دعويٰ ڪئي آهي ته اپوزيشن جو جتي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن اتي ٿي رهيون آهن. جڏهن ته اسپيڪر اياز صادق وط واپس اچي ڳالهيون ڪرڻ جي حامي ڀري آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ نثار جٽ چيو ته  اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي ۽ ناصر عباس جنهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن انهن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ ڪجهه اڳڀرائي به ٿي آهي. هن چيو ته ن ليگ اڳواڻ اختيار ولي ۽ هي جن جو نمائندو آهي ان سان ڳالهيون نه ٿينديون ۽ نه ئي ٿي رهيون آهن. حڪومت سان ڪنهن کي ڳالهائڻو آهي هرو ڀرو توانائيون ضايع ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جن سان ڳالهيون ٿي رهيون اهن اهي سياسي ماڻهو آهن. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته اپوزيشن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان هن وقت ملڪ کان ٻاهر آهيان. 27 جولاءِ تي واپس ايندس جنهن بعد ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. پر سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر راجا ناصر مون سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي.