اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ تي پي ٽي آءِ ورهايل آهي: اسپيڪر

اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ تي پي ٽي آءِ ورهايل آهي: اسپيڪر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق انڪشاف ڪيو آهي ته اپوزيشن جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر طور مقرري تي اختلاف موجود آهن. ڪيترن ئي اپوزيشن ميمبرن رابطو ڪري چيو آهي ته هو محمود خان اچڪزئي کي قبول نٿا ڪن. صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران قومي اسيمبليءَ اسپيڪر چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن اسان وٽ ايندي ته هو حڪومت سان ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪندو، پر هن وقت تائين اپوزيشن طرفان ڪو به رابطو ناهي ٿيو. هن چيو ته اپوزيشن ليڊر جي مقرري لاءِ کيس ڪنهن کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي ۽ وزيراعظم کيس مڪمل اختيار ڏنا آهن. اياز صادق چيو ته وڏن سان صلاح مشورو ڪرڻ  ۽ نصيحت وٺڻ ضروري آهي، اپوزيشن کي چيو ويو آهي ته هن معاملي تي سياست نه ڪريو. ايندڙ اجلاس جي شروعات تي اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو عمل شروع ڪيو ويندو. جيڪڏهن محمود خان اچڪزئي کي قبول نه ڪري ته عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ جو اختيار به موجود آهي.