| اڇڙي ٿر ۾ هرڻن تان موت ٽارو نه ڪيو، شڪارين ديرا ڄمائي ورتا، جھنگلي جيوت کاتي جا عملدار ملوث |
کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) سانگهڙ ضلعي جي کپرو ۽ خيرپورميرس جي ناري تعلقي جي اڇڙي ٿر واري علائقن ۾ ناياب جانور هرڻن جي نسل ڪشي جو سلسلو اڃاتائين رڪجي ناهي سگهيو، اڇڙي ٿر جي مختلف علائقن ۾ هن وقت شڪارين پنهنجا ديرا ڄمائي ورتا آهن، جيڪي ناياب هرڻن جي نسل جو تيزي سان سري عام شڪاري گولين جو کاڄ بڻائي رهيا آهن. جهنگلي جيوت جي تحفظ جو بااختيار سڏيو ويندڙ ادارو وائيلڊ لائيف اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. هرڻ جي شڪار ۾ وائيلڊ لائيف کاتو ملوث هجڻ جا چوٻول پڻ گردش ڪري رهيا آهن جنهن سبب ناياب نسل جو خاتمو ٿي رهيو آهي خيرپور ميرس ضلع جي تعلقي ناري جي ديھن ڪوٽ جبو، تڙ کارو، سرگيلو، ڪورڍاڻي رامسر، ورهائو، لکيارو، ونگڻيون، هنجئي واري ڪنڊي، سرتاڻاهو، ڪانهارو۽ سانگهڙ ضلعي جي کپرو تعلقي جي علائقن ڏوڏار، سمان، ماڻکاهو ۽ ٻين هنڌن تي بااثر ماڻهن جي سرپرستي هيٺ شڪارين ديرڄمائي ڇڏيا آهن جهنگلي جيوت جي بچا ء وارو کاتو وائلڊ لائيف پڇاڻو ڪرڻ تي بيوسي وارو روڄ راڻو جو قصيدو ٻڌائي جان ڇڏرائي رهيو آهي جڏهن ته مليل ڄاڻ موجب وائيلڊ لائيف کاتي جا عملدار بااثرن سان مليل هجڻ جون خبرون پڻ گردش ڪري رهيون آهن جنهن ڪري ناياب نسل هرڻ جي نسلي ڪشي تيزي سان وڌي رهي آهي. شڪارين خلاف هيستائين ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ٿي رهي آهي۽ هن وقت شڪارين جا ڪٽڪ اڇڙي ٿر واري هن علائقي ۾ سري عام ناياب نسل هرڻ ۽ جهنگلي تتر جو شڪار ڪندي نظر اچي رهيا آهن هڪ هفتو اڳ. شڪارين جو 25 گاڏين تي هڪ وڏو جٿو ناري تعلقي جي چونڊڪي واري علائقي ۾ اڳوڻي وائيلڊ لائيف کاتي جي چيئرمين منشا شاه عرف علي نواز شاه جي اڳواڻي ۾ پهتو هو جتي اڇڙوٿر جي تڙ ورهائو ۾ قائم بااثر جي گيسٽ هائوس تي پهتو، جتي آيل مهمانن علائقي جي بااثرن سان اٺ هرڻن جو شڪار ڪري هرڻ جو گوشت ساڻ کڻي ويا مقامي ماڻهن موجب اهڙي قسم جون محفلون هتي هر هفتي ٿيندي نظر اچن ٿيو ۽ ناياب نسل جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي ڇو ته سياري جي مند ۾ دور دراز اڇڙو ٿر ۾ هرڻ جو گوشت جلد خراب نه ٿيڻ ڪري شڪاري وڌيڪ شڪارڪن ٿا . علائقي واسين سماج سڌار ماحوليات دوست حلقن پاران وس وارن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فوري طور تي شڪار تي پابندي لڳائي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اڇڙي ٿر مان هرڻن جو نسل مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو.
| کپرو ۽ نارو تعلقي ۾ ڊسمبر دوران 60 هرڻن جو شڪار ٿيو! |
کپرو: کپرو ۽ ناري تعلقي جي اڇڙي ٿر جي بارڊر واري علائقن سرتاڻاهو تڙ. گجهاهو ڪانيهارو . ميگهراج واري تڙ . لکيارو. نئون آباد . ورهائو. سرگيلو .کارو. ارباهو تڙ ناٿاهو .ڪلاهو هنجئي واري ڪنڊي .ونگڻيون رامسر. ڪورٺڪر ڍاڻي. ماڻڪاهو . ڏولهار. رابلاهو .راڻاهو.ماڻڪور. واري روئي وارن علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ هرڻ رهي ٿو، جتي شڪارين ڊسمبر جي مهيني ۾ 60 هرڻن جي شڪار ڪرڻ جو انڪشاف پڻ سامهون آيو آهي مقامي ماڻهن موجب ته انهئ علائقي ۾ 3سو کان وڌيڪ هرڻ آهن جن مان ٻن مهينن دوران 60 هرڻ شڪارين جي ورچڙهي ويا باقين بچي ويل هرڻ جي نسل ڪشي تيزي سان جاري آهي. کپرو اڇڙي ٿر ۾ هرڻ به پاڻ کي بچائيڻ لاء بارڊر جي ويجهو واري علائقي ۾ رهن ٿا رات جو چاري خاطرح انهئ ايريا ۾ گهمندا آهن پري تائين نڪري وڃن ٿا ۽ سج اڀرڻ کان اڳ پناه خاطر بارڊر تي قائم رينجرس جي پوسٽن جي ويجهو ويندا ته جئين شڪاري کين ماري نه سگهي هو پناه ۾ جن هنڌ بارڊ پري آهي اتي جا هئ مرگھ مارين جي ورچڙهي وڃن ٿا جڏهن ته کپرو جي اڇڙي ٿر ۾ مارو ماڻهن جي چوپائي مال سان گڏ هي حسين مرگه هرڻ گهمندا رهندا آهن ڌنار انهن سان پيار ڪندا آهن۽ ڌنارن کان ڪوبه خوف نه کائيندا آهن.
شڪاري رات جي وقت تيز روشني واري لائيٽ ذريعي هرڻ کي انڌو ڪري شڪار ڪن ٿا
کپرو: هرڻ جو رنگ فطري طور ماحول سان گڏ وڻن ۽ واري سان مشهابت رکي ٿو جنهن ڪري هو خطرناڪ شڪارين کان محفوظ رهي ٿو. شڪاري هرڻ کي رات جي وقت شڪاري تيز لائيٽ اکين ۾ هڻي ويجهي کان بندوق هڻي شڪار ڪن ٿا . اڇڙي ٿر ۾ هرڻن جي حفاظت رينجرس عملدار به ڪندا آهن پر رينجرس جي پوسٽون پري رهندڙ هرڻ کي شڪارين کان بچائي ناهن سگهندا.