اڇڙي ٿر ۾ کٻڙن جي واڍي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

مَي 24, 2025

چوٽياريون (ن پ ا) اڇڙو ٿر ۾ کٻڙن جي وڻن جي واڍي خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهروڪندي نعري بازي ڪئي،ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اڇڙي ٿر ۾ ماحولياتي تباهيءَ جو خطرو وڌندي پيو وڃي، هنن چيو ته  هي وڻ نه رڳو ٿر جي فطري سونهن جو حصو آهن، پر هتان جي ماڻهن، مالوندن، ۽ ماحول جي حياتي پڻ آهن، هي وڻ اسان جي جياپي جو ذريعو آهن، ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  معاملي جو نوٽيس وٺي قيمتي وڻ وڍڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري وڻن جي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • رونالڊو:امن اپيل، ٽرمپ کي تحفو

  • خيرپورناٿن ۾گوليون هڻي اڌڙوٽ قتل

  • سکر ۾ نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

  • تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند