| اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ملاقات |
راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي ملاقات ڪرائي وئي. جيل ذريعن موجب سينٽرل جيل راولپنڊي ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سندس گهرواري سان ملاقات ڪرائي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي زال مڙس لڳ ڀڳ 45 منٽن تائين گڏ رهيا، جنهن دوران ٻنهي هڪٻئي کان حال احوال ورتا. جيل اختيارين موجب هڪ هفتو اڳ به ٻنهي جي ملاقات ڪرائي وئي هئي، جڏهن ته جيل کان ٻاهر ڪنهن به مٽ مائٽ يا سياسي اڳواڻ کي عمران خان يا بشريٰ بي بي سان ملاقات ناهي ڪرائي وئي.