اڏيرو لال اسٽيشن ۾ آئيس جو وڪرو ۽ واهپو، ڪيترائي گھر اجڙي ويا

اڏيرولال اسٽيشن (ن پ ا) اڏيرو لال اسٽيشن ۾ آئيس جو وڪرو ۽ واهپو جاري آهي، جنهن سبب ڪيترائي گھر اجڙي ويا آهن. ان ڏس ۾ حاجاڻا پاڙي جي رھواسين خالد حسين حاجاڻو. عبدالستار حاجاڻو پريس  ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته  منھنجو ڀاءُ نالي بنگل حاجاڻو آئيس جو موالي ٿي ويو آھي جيڪو گھر ۾ گهر ڀاتين سان وڙھڻ سندس  روز جو معمول بڻيل آهي. جڏهن ته هو آئيس جي نشي ۾ اسان کي مارڻ جي لاءِ ڪھاڙي ۽ خنجر گڏ  کنيو پيو هلي جنهن اسان شريف ماڻهو موالي مان اڙجي ويا آهيون. ۽ کيس نشي ڪرڻ کان روڪيون ٿا ته هو گھر ۾ شور ڪري گهر ڀاتين کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏي ٿو. هنن چيو ته هو ڪنھن به وقت حملو ڪري ڪنھن کي ماري سگھي ٿو. هنن اهو به ٻڌايو ته اسان  اوڏيرولال اسٽيشن  ٿاڻي تي ٻه ٽه ڀيرا ويا آهيون  پوليس ائين چئي موٽايو ڇڏي ته هي ڪيس اسان جو ناهي. هنن سخت احتجاج ڪندي ڊي آئي جي حيدرآباد. ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو آهي ته آئيس جي موالي بنگل حاجاڻو کي گرفتار ڪري اسان کي پريشاني کان بچايو
 

لاڙڪاڻي ۾ اداڪار ۽ ڊائريڪٽر نديم عباسي بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو
 

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو سينيئر ميمبر، ناليوارو ڪيمرامين، اداڪار ۽ ڊائريڪٽر نديم عباسي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سندس اوچتي وفات جي خبر سان فن، صحافت ۽ آرٽ سان لاڳاپيل حلقن ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي. مرحوم جي جنازي نماز شهر جي اتاترڪ ٽاور ڀرسان ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان سندس مڙهه کي شهر جي ابوبڪر قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جو تڏو شهر جي مراد واهڻ ۾ وڇايو ويو آهي، جتي سندس پوئنرن سان تعزيت سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. مرحوم نديم عباسي پنهنجي فني قابليتن، محنت ۽ اخلاق سبب سڃاتو ويندو هو ۽ هن ڪيترن ئي نوجوانن جي رهنمائي پڻ ڪئي. مرحوم جي پٺيان سوڳوارن ۾ راجا عباسي، گڊو عباسي سميت ٻيا عزيز شامل آهن.