اڏيرو لال تان ڪامياب آزاد چيئرمين پينل سوڌو پ پ ۾ شامل

مَي 19, 2023

اڏيرولال (ن پ ا) يوسي اڏيرولال اسٽيشن تي ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار چيئرمين آصف علي ڇٽو پنهنجي سموري پينل سميت پيپلزپارٽي پارٽي جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان سان ملاقات ڪري شموليت جو اعلان ڪيو آهي

آصف علي ڇٽو پيپلزپارٽي جي اميدوار عزت علي برھماڻي کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي

ان موقعي تي  مخدوم جميل الزمان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ھميشه عوام جي مينڊيٽ جو مان رکيو آهي، انشاالله اسان عوام جي خدمت ڪنداسين

هنا وڌيڪ چيو ھن وقت اسان جو ملڪ تمام گهڻو مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي پاڪستان جي سلامتي لاءِ دعا پڻ گھري وئي

Leave A Comment