اڏيرو لال: حادثي جو شڪار ريلوي ٽريڪ 24 ڪلاڪن کانپوءِ جزوي بحال

اڏيرو لال: حادثي جو شڪار ريلوي ٽريڪ 24 ڪلاڪن کانپوءِ جزوي بحال

اڏيرو لال اسٽيشن (ن پ ا) اوڏيرولال اسٽيشن ڀرسان وهاب شاهه ريلوي اسٽيشن وٽ حادثي جو شڪار ٿيل ڊائون ٽريڪ کي 24 ڪلاڪن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ جزوي طور تي بحال ڪيو ويو ، جنهن بعد بلاڪ ٿيل ريلوي آمدورفت آهستي آهستي بحال ٿيڻ لڳي. 2 ڏينهن اڳ ڪراچي کان پنجاب ڏانهن ڪوئلو کڻي ويندڙ مال بردار ريل گاڏي (گڊز ٽرين) جا 14 کان 17 گاڏا (بوگيون) وهاب شاهه اسٽيشن وٽ پٽڙي تان لهي ويا هئا. حادثو ايترو شديد هو جو اپ ۽ ڊائون، ٻئي مين ٽريڪ سخت متاثر ٿي ويا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي ٻين حصن سان ريلوي رابطو معطل ٿي ويو هو ريلوي عملدارن پاران هنگامي بنيادن تي ڪم ڪندي ڊائون ٽريڪ کي جزوي طور تي سفر جي قابل بڻايو ويو. انتظاميا موجب ٻين به ڪيترين ئي مسافر ٽرينن کي حادثي واري هنڌ تان تمام آهستي ۽ احتياط سان گذاريو پيو وڃي جيئن وڌيڪ ڪنهن حادثي کان بچي سگهجي.