| اڏيرو لال واسي نوجوان هرکجي اغوا، 50 لک ڀنگ طلب، وڊيو وائرل |
اوڏيرو لال(ن پ ا) اوڏيرولال لڳ ڳوٺ بچل وريا جو رهواسي نوجوان امير علي عرف نينا ورياه ولد محمد ورياه مبينا طور هرکجي اغوا ٿيڻ بعد سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ نوجوان زنجيرن ۾ جڪڙيل هو، وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ امير علي عرف نينا ورياه روئيندڙ انداز ۾ پنهنجي مائٽن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته هو ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهي ۽ اغوا ڪندڙ 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن. نوجوان وڊيو ۾ چيو آهي ته مهرباني ڪري 50 لک رپيا ڏئي مونکي آزادي ڏياريو، مان سخت پريشاني ۾ آهيان. واضح رهي ته امير علي ٽي ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيو هو، جنهن بعد سندس اغوا جي خبر سامهون آئي. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي، جڏهن ته مغوي نوجوان جي وارثن ۾ سخت پريشاني ڇانيل آهي.