| اڏيرو لال ويجهو مال گاڏي سان حادثو، ريل گاڏين کي روڪيو ويو |
اڏيرو لال اسٽيشن (ن پ ا) اڏيرو لال اسٽيشن ڀرسان مال بردار ٽرين هلندي هلندي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، اڏيرو لال اسٽيشن ڀرسان ابڙا ڦاٽڪ وٽ ڪراچي کان لاهور ويندڙ مال بردار ٽرين جي پلي نڪري وئي جنهن ڪري بوگيون ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، جنهن سبب اپ ٽريڪ ۽ ريلوي ڦاٽڪ بند ٿي ويو. ٽريڪ بند ٿيڻ ڪري مختلف اسٽيشنن تي ريل گاڏين کي روڪيو ويو، جڏهن ته ٽرين کي ٻيهر جوڙڻ جو ڪم جاري آهي. ريلوي ڦاٽڪ بند ٿيڻ سبب مسافرن ۽ عام ٽريفڪ کي سخت مشڪلاتون درپيش ٿيون. جڏهن ته ريلوي اختيارن مشينري جي ذريعي ٽريڪ ٽن ڪلاڪن ۾ بحال ڪيو.