| اڏيرو لال کان ڪراچي روزگار لاءِ ويندڙ 3 نوجوان ٽن ڏينهن کان لاپتا، وارث پريشان |
اڏيرولال اسٽيشن (ن پ ا) اڏيرولال اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ الھه بخش کوسو جا رهواسي ڪولهي برادري جا ٽي نوجوان ٽن ڏينهن کان لاپتا آهن. لاپتا نوجوانن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٽيئي نوجوان مزدوري سانگي ڪراچي لاءِ نڪتا هئا، ٽي ڏينهن گذري ويا آهن پر ٽيئي نوجوان ڪم تي نه پهتا آهن. شنڪر ولد ڪيٽو ڪولهي، پرمو ولد ويرو ڪولهي ۽ ويرو ولد رگهو ڪولهي، جمعي واري ڏينهن گهران ڪمائڻ لاءِ حب چوڪي واري علائقي ۾ مزدوري لاءِ روانا ٿيا هئا، ڪٿي ڏس پتو نه مليو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته ڪافي ڳولا باوجود هٿ نه اچي سگهيا آهن، ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.