اڏيرو لال ۾سانگهڙ ۽ مٽياري پوليس جي چڙهائي، هڪ ڄڻو گرفتار

سيپٽمبر 26, 2023

اوڏيرولال (ن پ ا) ٽائون ڪميٽي اوڏيرولال جي کوسا پاڙي ۾ رهندڙ کوسا برادري جي گهرن تي ٻن ضلعن سانگهڙ ۽ مٽياري جي پوليس

چڙهائي ڪري گهرن ۾ پيل پيتين جا تالا ٽوڙي روڪ پنج لک رپيا، سونا زيور ۽ نئين سي ڊي موٽرسائيڪل پڻ ڪاهي ويا آهن

کوسا برادري جي ماڻهن سڌير کوسو، عيسيٰ کوسو، رزاق کوسو، وسيم کوسو، موسيٰ کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو آهي

ته سانگهڙ ۽ مٽياري ضلعن جي پوليس عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي ڄڻي شير محمد کوسو کي پڻ کنڀي کڻي وئي آهي

 هنن جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو آهي

هنن اختيارين کان جاچ جو مطالبو ڪندي انصاف ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آهي

Leave A Comment