اڏيرو لال ۾ ڪتو نينگر کي کائي ويو، رتورت، حالت نازڪ

آگسٽ 20, 2023

اوڏيرو لال (ن پ ا) اڏيرولال اسٽيشن ۾ مھمان ٿي ويل 8 سال جي معصوم عبدالھادي ولد عمران خلجي کي ڪتي ڏاڙهي وڌو

جنهن کي رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو، ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۽  ڇتي ڪتي جي ويڪسين اڻلڀ ھئڻ ڪري معصوم نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارث حيدرآباد کڻائي ويا

ھڪ ھفتي ۾ 4 کان وڌيڪ ٻارڙن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. ايم ايس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊي ايچ او دوائون ڏيندو آهي

 ڪيترائي ڀيرا ڊي ايڇ او مٽياري کي لکت ۾ ليٽر لکيا آهن پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو آھي

Leave A Comment