اڏيري جي اسڪول ۾ گڏهه ٻڌل: ايئن پڙهندي سنڌ؟
جنوري 28, 2025
اڏيرولال وليج(رپورٽ:عبدالغفور هڱورو) يوسي اوڏيرولال اسٽيشن ۾ اسڪول جي عمارت جانورن جي چراگاهه ۾ تبديل ٿي وئي آهي. هي اسڪول يونين ڪائونسل اوڏيرولال اسٽيشن جي ڳوٺ مير گلڻ ٽالپر جو آهي جيڪو ڪافي وقت بند پيل آهي، جنهنڪري هي اسڪول هن وقت جانورن جي وٿاڻ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، اسڪول ۾ شاگردن بجاءِ جانور گھمندي نظر اچي رهيا آهن پر اسڪول ۾ شاگرد نظر ئي نه ايندا. اسڪول بند هجڻ سبب آسپاس جي ڪافي ڳوٺن جا سوين شاگرد توڙي شاگردياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن. گورنمينٽ پرائمري اسڪول مير گلڻ ٽالپر ڪافي وقت کان ڀوت بنگلي جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن ڪري آسپاس جي شاگردن جي تعليم داء تي لڳي وئي آهي. تعليم کاتي مٽياري جي انتظاميا جي بي ڌياني سبب اهڙا کوڙ سارا اسڪول ويران ۽ بند پيل آهن، جنهن ڪري سوين معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن، جڏهن ته ضلعي انتظاميا مٽياري صرف آفيس تائين محدود ٿي وئي آهي انڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليم وارو صوبائي وزير سيد سردار احمد شاھ نوٽيس وٺي بند ۽ ويران پيل اسڪولن کي فعال ڪرائي ته جيئن سوين شاگردن جو مستقبل روشن ٿي سگهي.