اڏيري لال ۾ اغوا جو ڊرامو ڪندڙ ٽن ڄڻن مان 2 لاڪپ حوالي

اڏيري لال ۾ اغوا جو ڊرامو ڪندڙ ٽن ڄڻن مان 2 لاڪپ حوالي

اڏيرولال (ن پ ا)  ڪجهه ڏينهن پهرين اغوا جو ڪوڙو ڊرامو رچائيندڙ اوڏيرولال وليج ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ بچل ورياه جي رهائشي اشرف ورياه ۽ سندس سالي مبشر سهري عبدالرشيد تي ڪيس داخل ڪري ٻن ڄڻن کي لاڪپ ڪري ڇڏيو. اغوا جو ڪوڙو ڊرامو رچائيندڙ نوجوان اشرف ورياه ۽ سندس سالي مبشر کي راڻيپور ٿاڻي جي حد مان کين گرفتار ڪري اوڏيرولال وليج ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي. اڄ کين عدالت سڳوري ۾ پيش ڪيو ويندو. اشرف ورياه سان گڏ سندس سالَي مبشر ۽ سهرو عبدالرشيد کي به ڏوھ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اغوا جو ڪوڙو ڊرامو رچائيندڙ اشرف ورياه ۽ مبشر لاڪپ ۾ آهن. اشرف ورياه ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو آهي ته راڻيپور پهچڻ کانپوءِ سندس دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، جڏهن ته ساڻس گڏ گرفتار ٿيل سندس سالي مبشر جو چوڻ آهي ته اغوا جو ڪوڙو ڊرامو اسان ٻنهي گڏجي ڪيو هو، هن چيو ته منهنجي ڀيڻوئي اشرف ورياه کي قرضاين تنگ ڪيو هو، جنهن سبب هن جي مائٽن کان پئسا اوڳاڙڻ لاءِ اسان ٻنهي گڏجي اغوا جو ڪوڙو ڊرامو ٺاهيو هو. ايس ايڇ او اوڏيرولال وليج راڻا جمشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پوليس کي خبر پئي ته همراه اغوا ناهي ٿيو پر هنن پنهنجن ئي مائٽن کان پيسا اوڳاڙڻ لاءِ اغوا جو ڪوڙو ڊرامو ڪيو.