اڏيري لال ۾ ايڪتا جون تياريون، ماڻهن ۾ جوش جذبو، ثقافتي ڳوٺ اڏجي ويو

نومبر 26, 2024

اڏيرو لال اسٽيشن (رپورٽ:اسلم آزاد گھانگھلو) ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران ”انتھاپسندي کان آجي سنڌ“ جي عنوان ھيٺ ڳوٺ عبدالحڪيم ڇٽو ۾ هڪ ثقافتي ڳوٺ جوڙيون ويو جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت جي هر شئي موجود هئي. ڳوٺ کي چوطرف سنڌي ثقافتي ٽڪ وارين رلين ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪن سان سينگاريون ويو ۽ ڳوٺ جو هر ننڍو وڏو اجرڪ ٽوپي ۽ بوسڪي جي پٽڪي سان پهتل هو ثقافتي ڳوٺ ۾ اٺ گهوڙو سنڌي نسل جو ٻڪريون  ڍڳيون ۽ ڀلا ڇيلا ڊوڙ وارا ڍڳا  پڻ موجود هئا  ۽ گهوڙن جي شوقينن پنهنجا گهوڙا سيگاري حصو ورتو جڏهن ته سجايل ڳوٺ جي اڳڻ تي ڳوٺاڻي ماحول وانگر کٽون لڳائي مٿا وري ثقافتي رليون سجائي ڳوٺ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ گورنمينٽ ھائير سيڪينڊري اسڪول اڏيرو لال اسٽيشن جي  شاگردن پڻ سائنسي پراجيڪٽ جا اسٽال لڳائي معلومات پڻ ڏني ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن عبدالرزاق ڇٽو، محمد حنيف ڇٽو، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي محمد قاسم ابڙو، غلام نبي ڇٽو، عبدالمالڪ ڇٽو ،عبدالرحيم ڇٽو ،ساگر سليم ڇٽو، عبدالرحيم ڇٽو، بلاول علي اڪبر، ۽ ٻين ٽائيم نيوز ۽ پھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار طرفان “انتھاپسندي کان آجي سنڌ“ جي سري  هيٺ ڏنل سڏ جي ڀرپور آجيان  ٿا ڪيون هنن جو چوڻ هو ته اسان هر سال ثقافتي ڳوٺ سجائي سنڌ ڌرتيءِ سان محبت جو  وچن ورجائيندا آهيون ته اسان تنهنجا ٻچڙا آهيون ۽ ثقافتي ڏهاڙو اسان لاء عيد کان گهٽ ناهي  هن ثقافتي عيد تي ڳوٺ جو هر فرد نوان ڪپڙا پهري ڏوپي ۽ اجرڪ سان منصوعي ڳوٺ پهچندو آهي وڏڙي عمر جا جهونا ماڻهون  هڪ ٻئي کي ڏور بيت ۽ ڳجهارتون ڏئي محفل کي چار چنڊ لڳائيندا آهن ته وري نوجوان سنڌي گيتن تي جهمريون هڻي پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا آهن جڏنهن ته ثقافتي ڳوٺ جي تيارين ۾ تقريبن 3 کان چار ڏينهن لڳي ويندا آهن ۽ ڳوٺ جو هر فرد هن ۾ حصو وٺندو آهي.

Leave A Comment