| اڏيري لال ۾ رٽائرڊ فوجيءَ ننڊ ستل گھر واريءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو |
اڏيرولال اسٽيشن (رپورٽ: اسلم آزاد گهانگهلو ) اڏيري لال ۾ رٽائرڊ فوجي امام بخش درس ننڊ ستل گھر واريءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڳوٺ قبول درس ۾ مڙس پنهنجي ننڊ ۾ ستل گهرواري کي مٿي ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. زخمي عورت کي مرڻينگ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد هو زخمن جا سور سهندي فوت ٿي وئي آهي. فوت ٿيل عورت پنج ٻار پڻ پويان ڇڏي وئي آهي. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي مقتولا عورت جو مڙس ريٽائرڊ فوجي آهي، جيڪو ذهني طور مريض پڻ آهي، ڪجھ مهينا اڳ چرين جي اسپتال گدو حيدرآباد ۾ رهي آيو آهي، جنهن گذريل رات دير سان پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي گهرواري کي ڪري زخمي ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد زخمي عورت کي تعلقا مٽياري اسپتال نيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته اڃان تائين وارثن طرفان ڪوبه ڪيس داخل نه ڪرايو آهي، جڏهن ته اهو به معلوم ٿيو آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس پاران جاچ جاري آهي.