اڏيري لال ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعو: ننڊ ستل ڏير ڀاڄائي ڪهي قتل، شهر ۾ شٽربند هڙتال
اپريل 24, 2025
اڏيرولال اسٽيشن(رپورٽ: اسلم آزاد گھانگھلو ) اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حد سوڪ سينٽر ڪالوني ۾ افسوسناڪ واقعي دوران نامعلوم جوابدارن 27 ورهين جي نورين بي بي ۽ سندس ڏير زاهد حسين سيال کي فجر جي وقت ڏاٽي سان ڪهي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ اڻڄاتل جوابدارن گهر جي ڇت تي ستل مجاهد علي سيال ۽ سندس ڀاڄائي ٽن مھينن جي ڳورهاري نورين سيال کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا. واقعو اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي سامهون صبح جو سوير پيش آيو، جتي جوابدارن گهر جي ڇت تي ستل نوجوان ۽ سندس ڀاڄائي کي تيز اوزار سان کين ڪهي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع باوجود اڏيرولال اسٽيشن جي پوليس واقعي واري هنڌ دير سان پهتي، جنهن سبب مقتولن جا لاش ڪافي دير تائين ڇت تي پيل رهيا. هنيان ڏاريندڙ واقعي کانپوءِ علائقي واسي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا. جڏهن ته مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي، جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ سندن گهر مان چوري ٿي هئي، جنهن بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو ۽ هاڻ ڄاڻايل چورن تي شڪ آهي. ٻئي طرف مجاھد جي جنازي نماز پڙھي ڪري مقامي قبرستان ۾ سندس تدفين ڪئي وئي جڏھن ته عورت نورين کي سندس وارث ملتان کڻائي ويا. هوڏانهن واقعي بعد انجمن تاجران، شھر جي مختلف سياسي سماجي ڌرين سان گڏجي شٽر بند هڙتال ڪري جسڪاڻي چوڪ کان ٿاڻي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو. انجمن تاجران جي اڳواڻ ديوان پريم چند، پ پ پ تعلقي مٽياري جي اڳواڻ عزت علي برهماڻي، ٽائون چيئرمين محمد قاسم ابڙو، شيراز عمراڻي، عرفان عمراڻي، ڪامريڊ فرقان درس ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته تاريخ ۾ اوڏيرولال اسٽيشن جو هي پهريون ڏکوئيندڙ واقعو آهي، نامعلوم قاتلن مسڪين ماڻهن کي بيدردي سان ڪهي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن چيو ته واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، غريبن کي انصاف ملڻ گهرجي. هنن پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور ملوث قاتلن کي گرفتار ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. فوري قاتل گرفتار نه ٿيا ته ٻيهر شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.
اڏيرو لال ٿاڻي جو ايس ايچ او هڪ رات اڳ بدلي، هيڊ محرر موڪل تي، پوليس جي غير حاضري ۽ سستي سوال اٿاري ڇڏيا
اڏيرو لال اسٽيشن: اڏيرولال اسٽيشن جي ايس ايڇ او جي گذريل رات بدلي ٿي وئي هئي. ساڳئي وقت ٿاڻي جو هيڊ محرر به موڪل تي سعيدآباد پنهنجي ڳوٺ ويل آهي. ٻٽي قتل واري واقعي تي پوليس جي غيرحاضري ۽ روايتي سستي سبب پوليس جي ڪارڪردگي تي وڏا سوال اٿي رهيا آهن.
ايس ايس پي مٽياري واقعي واري هنڌ پهتو: قاتل گرفتار ڪرڻ جي خاطري
اڏيرولال وليج: ايس ايس پي مٽياري فيصل بشير ميمڻ واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿيلن جي وارثن کان تفصيل ورتا. مقتولن جي وارثن پوليس ۽ صحافين کي ٻڌايو ته رات اسان سڀ مٿي ستل هئاسين صبع جو فجر جي ٽائيم اسان ڪجهه عورتون هيٺ لهي آيون سين ڪجهه ٽائيم بعد معصوم ٻارڙن رڙيون ڪيون ته چور آهن جنهن بعد اسان مٿي چڙهي ڏٺو مجاهد ۽ نورين کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ اسان واقعي واري هنڌ ڪنهن کي به ناهي ڏٺو. ايس ايس پي مٽياري پاران مقتولن جي وارثن کي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطي ڪرايو ويو.