| اڏيري ۾ راندين جو هفتو: شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مقابلا |
اوڏيرولال اسٽيشن (ن پ ا) سموري سنڌ جيان اوڏيرولال اسٽيشن جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪيمپس ۾ راندين جو هفتو ملهايو پيو وڃي. ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر رياض احمد ساهووال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي اعلان جي روشني ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪيمپس اوڏيرولال اسٽيشن ۾ راندين جو هفتو ملهايو پيو وڃي ۽ راندين جو ايندڙ هفتو ڇنڇر تائين جاري رهندو، جنهن ۾ شاگردن کي مختلف رانديون ڪرايون وينديون. هن چيو راندين جو هفتو ملهائڻ سان شاگردن ۾ آگاهي اچي وڃي ٿي، جنهن کانپوءِ شاگردن جي راندين طرف شوق وڌي ٿو. هن چيو رانديون هر انسان کي جسماني ۽ ذهني طور چست بڻائين ٿيون، جنهن ڪري اهڙي قسم جا ايونٽ لازمي ملهائجن، اسان جو شاگرد مختلف راندين جي ميدان تي نروار ٿي پنهنجي صوبي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي ۽ براين کان ڪناره ڪشي ڪري سگهي. ان موقعي تي اسڪول جي استادن غلام مرتضيٰ ڪوري، جميل احمد ڪنڀار، ساجن مل، راجو مل، خالد شاہ، عبدالجبار ڪنڀار، طالب ابڙو ۽ ٻين شاگردن ۾ رسا ڪشي ۽ ميوزيڪل چيئر جا مقابلا ڪرايا ۽ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خوب داد ڏني وئي ۽ فائنل مقابلا ڇنڇر واري ڏينهن ڪرايا ويندا ۽ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۾ انعام پڻ ورهايا ويندا.