| اکيون ايشوريا جهڙيون ۽ قد ڪترينا جهڙو: اڪشي پاران واميڪا جي ساراهه |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ پنهنجي نئين ساٿي اداڪارا واميڪا گبي جي تعريف ڪئي ۽ سندس ڀيٽ جڳ مشهور اداڪارا ايشوريا راءِ ۽ ڪترينا ڪيف سان ڪئي. اڪشي ڪمار چيو ته واميڪا جون اکيون ايشوريا جهڙيون خوبصورت آهن، جڏهن ته هوءَ ڪترينا ڪيف جيان قدآور ۽ ان جهڙي جسماني بيهڪ رکي ٿي پر ان جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ آهي ۽ هوءَ پنهنجي انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن واميڪا جي جدوجهد کي ساراهيندي چيو ته هن انڊسٽري ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ سخت محنت ڪئي، هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات پنجابي فلمن سان ڪئي ۽ هاڻ هوءَ هندي، تيلگو ۽ تمل سينما ۾ هر قسم جو ڪردار نڀائي رهي آهي. واضح رهي ته واميڪا گبي ۽ اڪشي ڪمار جلد هارر ڪاميڊي فلم ”ڀوت بنگلا“ ۾ گڏ نظر ايندا.