اک جو ٻڌي ڏک ٿيو، دعا کانسواءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهان: قريشي

اک جو ٻڌي ڏک ٿيو، دعا کانسواءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهان: قريشي

لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي اک جو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو، دعا کانسواءِ ڪجهه  نٿو ڪري سگهان. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته قيدين جا حق هوندا آهن جيڪي انهن کي ملڻ گهرجن اها جيل انتظاميا جي ذميداري آهي. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ محمود الرشيد کي چيڪ اپ لاءِ اسپتال وڃڻو هو پر جيل انتظاميا چيو ته سڪيورٽي ناهي، ڊاڪٽر ياسمين راشد جو علاج به سڪيورٽي نه هجڻ جو سبب بڻيو. هن وڌيڪ چيو ته منهنجو علاج پي ڪي ايل آءِ ۾ هلي رهيو آهي، سرجري کان بچي سگهان ٿو، مون کي به  پوليس سڪيورٽي نه  هئڻ  سبب پي ڪي ايل آءِ نه پيو ڇڏيو وڃي، سڄي معاملي جي قصور وار پنجاب حڪومت آهي، اک جي نظر هلي وڃڻ جي ذميوار جيل انتظاميا ۽ حڪومت  آهي.