اڪبر ايس بابر پاران پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن چئلينج ڪرڻ جو اعلان
ڊسمبر 2, 2023
تحريڪ انصاف جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
اڪبر ايس بابر چيو ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن سليڪشن آهي، اهڙي سليڪشن کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪنداسين، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد اسان پي ٽي آءِ جو حصو ۽ باني اڳواڻ آهيون
پي ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازي چيو آهي ته اڪبر ايس بابر مون سوڌو منهنجي ٽيم سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو، گذريل ڏينهن مان آفيس ۾ پنهنجي ٽيم سميت موجود هئس، اڪبر ايس بابر وڊيو ٺاهي ميڊيا تي جاري ڪيو جنهن کي رد ڪريون ٿا، اڪبر ايس بابر جا الزام بي بنياد آهن