اڪرم ابڙو ۽ شهريار کي پلاند ۾ قتل ڪيو: شهواڻي برادري جو بيان وائرل

جُولاءِ 29, 2023

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار واري مامري تي شهواڻي برادري جو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ کي ميرآصف شهواڻي ۽ سندس ٻن ساٿين جي قتل جي پلاند ۾ ماريو ويو آهي

تفصيل موجب ڊفينس فيز 7 ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءُ اڪرم ابڙو ۽ ڀائٽي شهريار ابڙو جي قتل وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي، شھواڻي برادري جي مبينه پريس رليز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

پريس رليز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 20 مئي 2019 تي ناردرن بائي پاس تي اسلم ابڙو فارم هائوس سامهون مير آصف شھواڻي ۽ سندس ٻن ساٿين کي قتل ڪيو ويو هو، قتل ۾ اسلم ابڙو، سندس ڀاءُ اڪرم ابڙو ۽ سندس ساٿي ملوث هئا

 پريس رليز موجب واقعي بعد اسلم ابڙو واقعي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، رابطو نه ڪيو ۽ نه ئي قبائلي وفد اسان ڏانهن موڪليو، اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ جو قتل  بدلو آهي، هي هڪ قبائلي مسئلو هو، بدلو وٺڻ دوران ابڙن جي سردار عبدالله ابڙو ۽ ارشاد پنھور جي زخمي ٿيڻ تي افسوس آهي، اهي حادثاتي طور  زخمي ٿي پيا

ٻئي طور پوليس جي جاچ ٽيم جي ذريعن ڄاڻايو آهي ته اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ جي قتل جو ماسٽر مائينڊ زبير شاھواڻي آھي، ڪجھه سال اڳ زمين جي تڪرار تان زبير شاھواڻي جو رشتيدار آصف شھواڻي مارجي ويو ھو پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف شاھواڻي سميت ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو کي شامل ڪيو ويو هو، زبير شاھواڻي، آصف جي قتل جو بدلو ورتو آھي، پوليس زبير شاھواڻي ۽ سندس ساٿين جي  گرفتاري لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي

 پوليس ذريعن موجب آصف جان شاھواڻي جي قتل بعد مختلف وقتن تي اسلم ابڙو ۽ سندس فيملي کي شاھواڻين طرفان ڌمڪيون به مليون ھيون، اڪرم ابڙي ۽ سندس پٽ کي قتل ڪرڻ بعد زبير شاھواڻي ۽ سندس برادري خوشي ۾ فائرنگ ڪري جشن ملھايو

هوڏانهن  سنڌ پوليس زبير شاھواڻي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ بلوچستان پوليس سان رابطو ڪري ڇڏيو آھي ۽ پوليس ٽيمون بلوچستان روانيون ڪري ڇڏيون آهن

Leave A Comment