جيڪب آباد(رپورٽر)ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار جي جيڪب آباد جي ٽائون هال ۾ جنازي نماز بعد تدفين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، سوڳ ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو
گذريل ڏينهن ڊفينس فيز 7 ۾ هٿياربندن فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار ابڙو جا مڙهه ڪراچي کان جيڪب آباد آندا ويا
ٽائون هال ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه بچل واهه جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا جنازي نماز ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو، ايم پي اي شهريار شر، ايم پي اي ممتاز جکراڻي، ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي، ڊاڪٽر اي جي انصاري، رحمت الله کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي
مڙهه کڄڻ وقت محمد اڪرم ابڙو جي پٽن سميت ڪيترائي ماڻهو اوڇنگارون ڪندا روئيندا رهيا ماحول سوڳوار ٿي ويو بعد ۾ مڙهه ٽائون ھال کان بچل واهه منتقل ڪيا ويا جتي تدفين ڪئي وئي
ٻئي طرف ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءُ ۽ ڀائٽيي جي قتل خلاف جيڪب آباد ۾ دڪان ۽ ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا، شهرين جو وڏو انگ تعزيتي تڏي تي پهچي ويو
سنڌ بار ڪائونسل پاران بار جي ميمبر اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ جي قتل خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو، بار پاران قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي
ايم پي اي اسلم ابڙو چيو آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، منهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو، منهنجا گهرڀاتي ٻن گاڏين ۾ وڃي رهيا هئا ته 8 جوابدارن حملو ڪيو، ذاتي دشمني هجي ها ته سمورن گهر ڀاتين کي قتل ڪيو وڃي ها