اڪرم ابڙي جو قتل ڪيس بلوچستان جي ايم پي اي نصيرشاهواڻي سوڌو 8 ڄڻن تي داخل : جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا

آگسٽ 3, 2023

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ هفتو اڳ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءُ ۽ ڀائٽي جي قتل جو ڪيس داخل، بلوچستان جي ايم پي اي نصير شاهواڻي سميت 5 ڄڻا نامزد، 3 نامعلوم ڄاڻايا ويا

 ان ڏس ۾ هفتو اڳ ڊفينس فيز 7 ۾ ڪريڪ روڊ تي هٿياربندن ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءَ اڪرم ابڙو جي گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار ابڙو قتل ۽ سردار عبدالله ابڙو ۽ ارشاد پنهور زخمي ٿي پيا هئا

 ڪراچي جي ڊفينس ٿاڻي تي اسلم ابڙي جي سوٽ سانول ابڙو  جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ بي اين پي (مينگل) جي ايم پي اي نصير شاھواڻي، زبير شاھواڻي ۽ صاحب خان شاھواڻي کي نامزد ڪيو ويو

فريادي موجب نصير شاھواڻي، زبير شاھواڻي ۽ صاحب خان شاھواڻي کان ڪيترائي ڀيرا موتمار ڌمڪيون مليون هيون، زبير شاهواڻي پنهنجن گارڊن ثناءَ الله، مجيب ۽ 5 ٻين نامعلوم جوابدارن سان گڏجي منهنجي سوٽ اڪرم ابڙو جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب منهنجو سوٽ اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار مارجي ويا، جڏهن ته سردار عبدالله ابڙو ۽ ارشاد پنهور زخمي ٿي پيا

 فريادي موجب جوابدارن سان پراڻي دشمني هلندڙ آهي، جنهن تان 8 جوابدارن اڪرم ابڙو جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن

Leave A Comment