اڪري چودڳي( ن پ ا) اڪري چودڳي ويجهو ڌيءَ سميت پراسرار نموني گم ٿي ويل عورت جي مائٽن مظاهرو ڪيو
ڳوٺ کنياري مان ٽي ڏينهن اڳ پياري چاڪراڻي 7 ورهين جي ڌيءَ اسورٺ سميت پراسرار نموني گم ٿي وئي جنهن جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو
عورت جي مائٽن چاڪر خان ڀاڳيو اسحاق آصف صابر شاهنواز زهره رشيدان جنت سڪينه چاڪراڻي ۽ٻين مظاهرو ڪيو
احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان جي نياڻي پياري معصوم ڌيء سورٺ سميت گم آهي جنهن جو اطلاع ٿاڻي تي به ڏنو آهي پر ڪا داد رسي نه پئي ڪئي وڃي
ڳوٺاڻ مطالبو ڪيو ته اسان جي گم ٿي ويل ناري ۽ هن جي ڌيءَ جي ڳولا ۾مدد ڪئي وڃي