اڪري چودڳي ( ن پ و) اڪري ڇودڳي جي مختلف علائقن مان ٽن ٻارڙن سميت اغوا ٿيل ٻن عورتن کي پوليس بازياب ڪرائڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو
ڳوٺ جهانيان آباد جي عورت الهه جوائي ٻن ٻارڙن سميت اغوا ٿي وئي هئي جنهن کي پوليس بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڄي ٻيڻو ناهي ڪيو
الهه جوائي جي مڙس محمد پريل ۽ معشوق لاشاري ٻين وارثن موجب گذريل ستن مهينن کان مختلف ٿاڻن عدالتن پريس ڪلبن سميت مخلف هنڌن تي دانهڻ باوجود پوليس الهه جوائي کي بازياب نه پئي ڪرائي
ٻڌايو پيو وڃي ته الهه جوائي کي پيار جي پرڻي تان پلاند ۾ ٻن ٻارڙن سميت اغوا ڪيو ويو آهي
هوڏانهن اڪري ٿاڻي جي حد ڳوٺ کنياري مان ساهرن مان پيڪن ڏانهن ويندي پياري کي 7 ورهين جي ڌيءَ سميت اغوا ڪيو ويو پوليس ان جو پتو لڳائڻ ۾ به ناڪام بڻيل آهي
عورت جي مائٽن ڪانڊيرو خان ۽ چاڪر خان چاڪراڻي موجب هنڌ هنڌ دانهين چڪا آهيون پر مبينا طور اغوا ٿيل پياري جو ڪوبه پتو نه پيو پوي
هنن چيو ته پوليس کي سموري ڄاڻ ڏني آهي تنهن باوجود پياري کي بازياب نه پيو ڪرايو وڃي، وس وارن کي اپيل آهي ته اسان جي نياڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تحرڪ وٺن
ايس ايڇ او اڪري چودڳي يارمحمد ڀيو موجب مسمات الهه جوائي کي پيار پرڻي تان پلاند ۾ اغوا ڪئي وئي آهي ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا آهن پرگهر خالي هجڻ ڪري ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي
ان کانسواءِ مسمات پياري ۽سندس ڌيءَ جي بازيابي لاء وارثن پاران ڏنل موبائل نمبرن جي ٽريسنگ ڪري رهيا آهيون، شڪ آهي ته ناري گهران نڪري وئي آهي
علائقي جي ساڃاهه وندن غلام فريد هاليپوٽو ثناء الله ۽ٻين پاران اڪري پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان اٿاري ڇڏيا آهن
اڳواڻڻ جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن بابت مڪمل ڄاڻ هجڻ باوجود ڪارروائي نه پئي ڪري، اعليٰ اختياريون عورتن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ذميواري نڀائن