اڪري چودڳي(ن پ و) اڪري چودڳي ڀرسان زميني تڪرار هڪ وڌي حياتي کسي ورتي، گوليون لڳڻ سبب عورت فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا
ڳوٺ علي مراد مڱسي ۾ مڱسي برادري جي ٻن ڌرين زمين جي تڪرار تان هڪ ٻئي تي جديد هٿيارن سان سڌي فائرنگ ڪئي ويئي جنهن سبب علائقو هڪ ڪلاڪ گولين جي آواز سان گونجي ويو
گوليون لڳڻ سبب 38 سالا مسمات مختيار خاتون زوجه فوجي مختيار فو ٿي وئي جڏهن ته 25 سالا عورت ناظمه خاتون ۽الطاف مڱسي زخمي ٿي پيا
فائرنگ جو بروقت اطلاع ملڻ باوجود اڪري پوليس هڪ ڪلاڪ دير پهتي مقتول عورت جولاش وونئڻن جي فصل ۾ پيل رهيو بعد ۾ اڪري پوليس پهچي لاش اسپتال پهچايو
قتل ٿيل عورت جي وارثن نيڪ محمد مڱسي گلشن مختيار مڱسي الزام هڻندي چيو ته زمين جي تڪرار معاملي تان سبحان مڱسي امتياز مڱسي محبوب مڱسي ۽ٻين گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪري عورت قتل ڪئي آهي
ٻئي طرف الزام هيٺ آيل محبوب ۽صحبت مڱسي موجب اڳرائي ڪري فائرنگ نيڪ محمد وارن ڪئي عورت به سندن فائرنگ ۾ مارجي ويئي ۽ اسان جي هڪ عورٿ ناظمه ۽الطاف مڱسي پڻ زخمي آهن، پوليس به ٽي ماڻهو اسان جا گرفتار ڪيا آهن
عورت جي قتل ۽زخمين بعد بعد ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن ۽ فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي اڪري پوليس واقعي واري هنڌ پهتل آهي جڏهن ته ڊي ايس پي ٺري ميرواھ ايس ايڇ او فيض گنج ۽ايس ايڇ او اڪري پوليس نفري سان واقعي واري هنڌ موجود آهن
پوليس موجب صورتحال تي ضابطو آهي جهيڙي ۾ ملوث ڌرين جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو
ٻئي طرف ٻنهي مارجي ويل عورتن جا لاش فيض گنج اسپتال پيل آهن پوليس جي خوف کان مرد نه هجڻ ڪري صرف ٽي عورتون اسپتال ۾ موجود آهن