اڪري چودڳي (رپورٽ: ساگر امير حيدر) اڪري چودڳي ڀرسان واقع تاريخي ماڳ ليلان جي آتڻ سان هڪ دفعو وري هٿ چراند ڪري ڪرينن ۽ بلڊوزرن وسيلي تاريخي ماڳ جي زمين کي کيڙيو ويو ۽ کڏا هڻي زمين کي خراب ڪيو ويو آهي
ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب علائقي جي بااثر زميندار ڪرين ۽ بلڊوزرن ذريعي تاريخي ماڳ جي زمين کي ذاتي ملڪيت ڄاڻائيندي ڪم ڪرايو، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي معاملو هلڻ ۽ ماڳ بابت ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهندڙ وڪيل جي مداخلت تي ڪم بند ڪيو ويو
ٻي طرف ماڳ جي وڪيل راجا الطاف شر موجب بااثر ماڳ جي ايراضي ۾ ايندڙ زمين تي ڪم ڪرائي رهيو هو، ماڳ جو معاملو ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، تاريخي ماڳ جي زمين زرعي زمين جا سروي نمبر روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان ڄاڻائي قبضي ڪيا پيا وڃن پر سنڌ جون ساڃاهه وند ڌريون ائين ٿيڻ نه ڏينديون
هن چيو ته تاريخي ماڳ تي لڳل سائن بورڊ ۽ حدن جي تعين لاءِ لڳل پلر هٿ وٺي اکاڙيا ويا آهن پر اسان قبضاگيرن کي هرگز قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن، جبلن ۽ وسيلن جي مالڪي ڪنداسين
ڪجھه سال اڳ به هڪ ڌر زمين مالڪي جي دعويٰ ڪندي ڪم ڪرايو
اڪري چودڳي ڀرسان ليلان جا آتڻ ماڳ ضلع خيرپور ۽ نوشهرو جي حد ۾ واقع آهي، جنهن تي ڪجھه سال اڳ هڪ ڌر زمين جي مالڪي جي دعويٰ ڪندي قبضو ڪري بلڊوزرن ذريعي ڪم ڪرايو هو، جنهن جو ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي
ماڳ 192۽ 193 سروي نمبر تي آهي، اسان 105۽ 106 تي ڪم ڪرايو: جلال لاکو
ماڳ جي زمين تي ڪم ڪرائيندڙ بااثر جلال لاکو موجب ماڳ سروي نمبر 192۽ 193 سروي نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته مان سروي نمبر 105۽ 106 تي ڪم ڪرايو، جيڪا زمين منهنجي ذاتي ملڪيت آهي، جڏهن ته حد جي تپيدار پڻ بااثر زميندار جي موقف جي حمايت ڪئي