اڪري چودڳي ڀرسان پرائمري اسڪول مال جي واڙي ۾ تبديل، 10 سالن کان پڙهائي بند

نومبر 26, 2024

اڪري چودڳي (رپورٽ: ساگر امير حيدر شر) اڪري چودڳي ڀرسان سرڪاري پرائمري اسڪول جي عمارت گهر ۽ مال جي واڙي ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن ڪري تدريسي عمل 10 سالن کان بند پيل آهي، اڪري چودڳي ڀرسان 50 گهرن تي ٻڌل ڳوٺ ڪرم خان لاشاري جو واحد پرائمري سرڪاري اسڪول 10 سالن کان استاد مقرر نه ٿيڻ سبب بند پيل هجڻ ڪري ڳوٺ جا ٻار 3 ڪلوميٽر پنڌ ڪري تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، اسڪول بند هجڻ سبب ڳوٺاڻن اسڪول کي گهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اسڪول جي چوديواري اندر مينهون، ڍڳيون ٻڌيون ويون آهن، جڏهن ته ڪتر مشين پيل آهي ۽ رڌڻو پڻ قائم ٿيل آهي، جڏهن ته باھ ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون پڻ رکيون ويون آهن، ڳوٺاڻن سليم، الطاف، سينگار ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪيترائي  ڀيرا تعليم کاتي جي عملدارن وٽ دانهيو پر استاد نه ڏنو ويو ۽ اسڪول کي بند ڪيو ويو، جنهن سبب ڳوٺ جا ٻار تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين ڳوٺن جي اسڪول ۾ وڃڻ تي مجبور بڻيل آهن، هنن مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي اسڪول کولي معصوم ٻارن جو مستقبل بچايو وڃي.

Leave A Comment