اڪري ۾ عورت ۽ ٻن ٻارن جي بازيابي لاءِ احتجاج جاري

جُون 11, 2023

اڪري چودڳي ( ن پ و) اڪري چودڳي ڀرسان پيارپرڻي جي پلاند ۾ اغوا ٿيل عورت ۽ سندس ٻن ٻارن جي بازيابي لاء وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان ٽين ڏينهن به احتجاج جاري آهي

الهه جوائي جي بازيابي لاءِ مائٽن طرفان لڳايل ڪيمپ تي ڪير به لري نه آيو، اهي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اسان ستن مهينن کان انصاف لاءِ دربدر آهيون پر ڪوبه دانهن نه پيو ورنائي

احتجاجي ڪيمپ تي ويٺلن جو چوڻ هو ته الهه جوائي جي بازيابي لاءِ پوليس ڪوبه تحرڪ نه پئي وٺي جيسيتائين ان کي بازياب نه ڪرايو ويندو احتجاج جو سلسلو جاري رهندو

Leave A Comment