اڪشي، پاريش ۽ شيٽي جي”هيرا ڦيري 3“ لٽڪي وئي

اڪشي، پاريش ۽ شيٽي جي”هيرا ڦيري 3“ لٽڪي وئي

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اٽڪنڊي اڪشي ڪمار، پاريش راول ۽ سنيل شيٽي جي  ڪاميڊي فلم ”هيرا ڦيري 3“ قانوني تڪرار جو شڪار ٿي وئي. فلم هدايتڪار پريا درشن ڀارتي ميڊيا کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ تصديق ڪئي ته قانوني مسئلن سبب اهو منصوبو في الحال رڪيل آهي، جيتوڻيڪ انهي کي اڳتي وڌائڻ جون ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته فلم ڪجهه قانوني مسئلن جو شڪار آهي، جن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مسئلا حل ٿيڻ بعد اسين فلم تي ڪم شروع ڪنداسين. سال 2000 ۾ اصل فلم جي هدايتڪاري ڪرڻ کانپوءِ پريا درشن جي واپسي کي فرنچائز جي روح کي ٻيهر زنده ڪرڻ ڏانهن هڪ وک طور ڏٺو پيو وڃي. واضح رهي ته مشهور ڪاميڊي هيرا ڦيري 3 تي ڪيترن سالن کان ڪم جاري آهي،  مختلف ڪارڻن ڪري فلم جي شوٽنگ بار بار روڪڻي پئي آهي.