اڪشي ويلڪم 2 جنگل جو گانو 104 بخار ۾ شوٽ ڪرايو: اڪشرا

اڪشي ويلڪم 2 جنگل جو گانو 104 بخار ۾ شوٽ ڪرايو: اڪشرا

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ)  بالي ووڊ جي سندري اڪشرا سنگهه انڪشاف ڪيو آهي ته اڪشي ڪمار فلم ‘ويلڪم ٽو دي جنگل’ جو هڪ گانو تيز بخار ۾ شوٽ ڪرايو. ڀوجپوري اداڪاره اڪشرا سنگهه کي سپر اسٽار اڪشي ڪمار سان گڏ فلم ‘ويلڪم ٽو دي جنگل’ ۾ گاني ‘گهيس گهيس’ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. اڪشرا جو چوڻ هو ته جڏهن کيس معلوم ٿيو ته هوءَ انهي گاني ۾ اڪشي ڪمار سان نظر ايندي ته اهو واقعي هڪ خواب سچو ٿيڻ جهڙو لمحو هو. اداڪاره وڌيڪ چيو ته سڀ کان وڏي ڳالهه اها هئي ته اڪشي ڪمار کي شوٽنگ دوران 103-104 ڊگري بخار هو، آئون  مشاهدو ڪندي رهيس ته کلاڙي پنهنجي ڪم ۽ پنهنجي فن سان ڪيتري محبت ڪري ٿو، 26 جون تي رليز تي ‘ويلڪم ٽو دي جنگل’ ۾ اداڪاره ديشا پٽاڻي، جيڪلين فرنانڊس، روينا ٽنڊن، لارا دتا، فريده جلال، سنيل شيٽي، ارشد وارثي، جيڪي شيروف، پاريش راول، جوني ليور، شرياس تيلپڙي، توشار ڪپور، راجپال يادو سميت ٻين اداڪارن جي هڪ وڏي ڪاسٽ شامل آهي.