اڪشي کنا ڌرينڌر ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو: مڪيش ڇاپڙا

اڪشي کنا ڌرينڌر ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو: مڪيش ڇاپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ٽاپ ٽرينڊ فلم ڌرينڌر جي ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر مڪيش ڇاپڙا انڪشاف ڪيو آهي ته اڪشي کنا فلم ڌرينڌر ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. ڀارتي ميڊيا موجب فلم جي ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر مڪيش ڇاپڙا هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جٿي هن فلم بابت انتهائي اهم انڪشاف ڪيا. هن چيو ته پهريون ڀيرو جڏهن مون اڪشي کناکي فون ڪئي ته هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هن جواب ڏنو ته تون چريون ٿي ويو آهين ڇا؟ بعد ۾ مون اڪشي سان ميٽنگ طئي ڪئي ۽ کيس پراجيڪٽ بابت سمجهايو  جنهن بعد هن کي سمجهه ۾ اچي ويو. هن چيو ته اڪشي کنا جي راضي ٿيڻ بعد ئي فلم جي ڪاسٽ مڪمل ڪئي وئي