اڪشي ڪمار“ڀوت بنگلا” جي شوٽنگ دوران زخمي

اڪشي ڪمار“ڀوت بنگلا” جي شوٽنگ دوران زخمي

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جو سپر اسٽار اڪشي ڪمار پنهنجي نئين هارر ڪاميڊي فلم ‘ڀوت بنگلا’ جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو، فلم جي پروڊڪشن ٽيم پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اڪشي خطرناڪ ايڪشن سين جي شوٽنگ دوران اسٽنٽ ڪندي زخمي ٿي پيو، اڪشي ڪمار پنهنجين فلمن ۾ پاڻ ئي اسٽنٽ ڪرڻ لاءِ مشهور آهي، پنهنجي  جرئتمند انداز  ڪري اڪثر خبرن ۾ رهندو آهي. مارشل آرٽس ۾ ماهر اڪشي هڪ انٽرويو ۾ جديد فلم سازي بابت پڻ ڳالهايو. هن چيو ته هو ايڪشن سين ۾ وي ايف ايڪس ۽ مصنوعي ذهانت ( اي آءِ ) جي وڌندڙ استعمال کان مطمئن ناهي. اڪشي مطابق ماضي ۾ ايڪشن وڌيڪ حقيقي محسوس ٿيندو هو، هاڻي گهڻا منظر ڪمپيوٽرن ذريعي ٺاهيا ويندا آهن، جيڪو حقيقت جي عنصر کي گهٽائين ٿا. فلم ‘ڀوت بنگلا’ مشهور ڊائريڪٽر پريا درشن ٺاهي رهيو آهي، اڪشي  15 سالن کانپوءِ ساڻس گڏ ڪم ڪري رهيو آهي انهي کان اڳ هنن’هيرا ڦيري‘، ’گرم مسالا‘، ’ڀول ڀوليان‘، ’ڀاگم ڀاڳ‘ ۽ ’کٽا ميٺا‘ جهڙين ڪامياب فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو هو.