| اڪشي ڪمار جي پٽ جي پگهار رڳو 4500 رپيا؟ |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار اڪشي ڪمار پاران پنهنجي پٽ 23سالن جي آرو ڀاٽيا بابت ڪيل انڪشاف مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو، بالي ووڊ ۾ عام طور تي “اسٽار ڪڊز” فلمي دنيا جو رخ ڪندا آهن، جڏهن ته آرو ڀاٽيا انهي روايت کان هٽي پنهنجو الڳ رستو چونڊيو آهي. اڪشي ڪمار موجب سندس پٽ فلم انڊسٽري ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو نٿو رکي، هو فيشن جي شعبي ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ ۾ مصروف آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته آرو رڳو 4500 رپيا ماهوار پگهار تي ڪم ڪري رهيو آهي. اڪشي ڪمار هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته سندس پٽ محنتي آهي، هو پنهنجي مقصد تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. هو مختلف ڳوٺن جا دورو ڪري رهيو آهي ته جيئن فيشن جي حوالي سان نوان انداز، ڪپڙن جي ڊزائين ۽ روايتي پرنٽس سکي سگهي. اڪشي وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي پٽ کي ليڪچر ناهي ڏيندو، بس اها ئي نصيحت ڪئي آهي ته زندگي ۾ ڪنهن کي نقصان نه پهچائي.