اڪيلائي ـــ اندر جو خالي ڪمرو … حبدار جاگيراڻي

                 گئبريل گارشيا مارڪيز جي ناول ”اڪيلائي جا سئو سال“ ۾ مِڪوندو ڳوٺ انسان جي اندر جو اهو ڍڪيل جهان آهي، جتي انسان گڏ رهندي به اڪيلو آهي.جتي بُوينديا خاندان جا ماڻهو هڪ ئي گهر،هڪ ئي رَتُ،بهڪ ئي سڃاڻپ ۽ هڪ ئي تاريخ سان جڙيل آهن، پر سندن دلين جا دروازا هڪٻئي لاءِ بند آهن.مارڪيز ڄڻ ٻڌائي ٿو ته اڪيلائي رڳو فرد جي نه هوندي؛ اها پوري خاندان يا پوري شهر جي به هوندي آهي پر ڪڏهن ته پوريون قومون به اڪيلائيءَ جي کوهه ۾ لهي وينديون آهن.

                 اڪيلائي ماڻهن کان پري رهڻ جو نالو ناهي.ماڻهن کان ڇڄي ڌار رهڻ هميشه اڪيلائي نه هوندي آهي.ڪڏهن اها عبادت، سوچ، سڪون يا تخليق جو وقت به ٿي سگهي ٿي.اصل اڪيلائي تڏهن شروع ٿئي ٿي، جڏهن ماڻهو ماڻهن مان ويساهه وڃائي ويهي. جڏهن دل مان آسرو کڄي وڃي.جڏهن ماڻهوءَ کي لڳي ته هاڻي ڪنهن جو در کڙڪائڻ بيڪار آهي.جڏهن اميد جا سمورا ظرف خالي ٿي وڃن،۽ اندر ۾ بي آسريءَ جي خشڪ هوا گهلندي رهي، تڏهن ماڻهو اڪيلو ٿيندو آهي. ڪڏهن ته ڀريل گهر ۾ به ماڻهو پاڻ کي اڪيلو ڀائيندو آهي. محفل جي وچ ۾ به اندر ڪنهن خالي ڪمري ۾ بند لڳندوآهي.موبائل ۾ سوين رابطا هوندا آهن، پر دل ۾ هڪ به اهڙو دردمند نه هوندو آهي،جنهن سان ماڻهو بي ڊپو ويهي سگهي. شاهه لطيف جو بيت هتي دل تي لهي ٿو اچي: ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.“ اڪيلائي اِها ئي دُوري آهي، جيڪا هڪ ئي ڇت هيٺ،هڪ ئي دسترخوان تي۽ ڪڏهن هڪ ئي بستري جي ٻن پاسن ۾ پيدا ٿي وڃي ٿي.

اردو شاعر عباس قمر هن ڪيفيت کي خوب چيو آهي:

ہم بھیڑ میں تنہا جو نظر آتے ہیں تم کو،

تنہائی میں دیکھو ہمیں لشکر ہے ہمارا۔

هي شعر اڪيلائيءَ جي ٻهروپ کي کولي ٿو.ماڻهو هجوم ۾ اڪيلو نظر اچي ٿو، پر جڏهن پنهنجي اندر ۾ لهي ٿو ته کيس درد، يادون، خواب، شڪستون، خواهشون ۽ اڌورا جملا هڪ لشڪر وانگر بيٺل ملن ٿا. ٻاهران ماڻهو اڪيلو آهي، اندر سڄو جهان آباد اٿس.

علمِ نفسيات اڪيلائيءَ کي صرف جسماني پري رهڻ سان نٿي ڳنڍي.نفسيات موجب اڪيلائي تڏهن پيدا ٿئي ٿي،جڏهن ماڻهوءَ جي اندر واري ضرورت ۽ ٻاهر موجود رشتن جي حقيقت ۾ وڇوٽي پيدا ٿئي.ماڻهوءَ وٽ ماڻهو هجن، پر سمجهه نه هجي. ڳالهائڻ وارا هجن، پر ٻڌڻ وارو نه هجي. لطيف جي مياري ڪيفيت”گوشي پرين نه گڏيا“هجي.رشتا هجن،پر دل جو آسرو نه هجي.گارشيا جي ڪردارن وانگر رت جا رشتا به ماڻهوءَ کي اڪيلائيءَ کان نٿا بچائي سگهن،جيڪڏهن انهن ۾ محبت، گفتگو ۽ سمجهه نه هجي.

اڪيلائي ۽ تنها ويهڻ کي ساڳي ڳالهه نه سمجهڻ گهرجي،ڇوته تنها ويهڻ پٺيان تخليق جو سرچشمو شامل هوندوآهي.شاعر، مصور، فڪر ڪندڙ ماڻهو ۽ عبادت ڪندڙ انسان اڪيلا ويهي پنهنجي اندر سان ملاقات ڪندا آهن.اها اڪيلائي سڪون آهي.پر جڏهن اڪيلو رهڻ ماڻهوءَ کي پاڻ کان به پري ڪري ڇڏي،جڏهن خاموشي اندر کي کائڻ لڳي،جڏهن دل کي پنهنجو وجود بار لڳڻ لڳي،تڏهن اها اڪيلائي رُوحَ جي بيماري بڻجي وڃي ٿي.

طبي سائنس اڪيلائيءَ کي رڳو جذباتي ڪيفيت نٿي سمجهي.ڊگهي ۽ مسلسل اڪيلائي ننڊ کي خراب ڪري ٿي،دل تي دٻاءُ وجهي ٿي،پريشاني ۽ اداسي وڌائي ٿي۽ جسم جي مدافعتي قوت تي به اثر وجهي ٿي.انسان جو دماغ سماجي تعلق لاءِ ٺهيل آهي.جيئن جسم کي خوراڪ کپي،تيئن ذهن کي پنهنجائپ کپي.ماڻهوءَ کي رڳو ماني نه، پر آسرو به کپي.مذهب اڪيلائيءَ کي اهڙيقق نظر سان ڏسي ٿو. مذهب انسان کي ٻڌائي ٿو ته هو ڪائنات ۾ بي مقصد اڇلايل ذرو ناهي. سندس خالق آهي. دعا ،عبادت، ذڪر ۽ توبهه ماڻهوءَ کي اهو احساس ڏين ٿا ته جڏهن سڄي دنيا پري ٿي وڃي،تڏهن به هڪ در کليل آهي.پرمذهب انسان کي سماج کان ڪٽجڻ به نٿو سيکاري. نماز جو اجتماع، سلام جو رواج، پاڙي جا حق، مائٽن سان ناتو، بيمار جي عيادت ۽ مسڪين جي مدد ٻڌائين ٿا ته فارسي صوفي چوڻيءَ وانگر: ”دل به يار، دست به ڪار“.اسان جي سنڌي سماج ۾ڳوٺن جون اوطاقون، ٽپھريءَ جون ڪچهريون، آڳر ۾ مائرن جون ويهڪون، شامن جا ميلا، شاديون، ڏک سک ۾ گڏ ٿيڻ،اهي سڀ اڪيلائيءَ جا سماجي علاج هئا.ماڻهو غريب هو،پر اڪيلو گهٽ هو.هاڻي شهر وڌياآهن،گهراوچا ٿيا آهن،پرڪمرن جا در ٻيڪڙيل آهن ۽ ماڻهن جا اندر وڌيڪ خالي ٿياآهن.سوشل ميڊيا ماڻهن کي ويجهو آندو آهي، پر دلين کي ڏور ڪيو آهي.

عام زندگيءَ ۾ ڏسو ته پوڙهي ماءُ پٽن جي گهر ۾ هوندي به اڪيلي هوندي آهي،ڇو ته سندس ڳالهه ٻڌڻ وارو ڪير ناهي.آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو روز ماڻهن سان ملي ٿو،پر گهر موٽندي اندر ۾ ٿڪيل ۽ بي آسرو هوندو آهي. پرديس ويل مزدور فون تي کلندو آهي، پر رات جو ڪمري ۾ ٻارن جي آواز لاءِ روئندو آهي. شاگرد هاسٽل ۾ دوستن سان گڏ هوندو آهي،پرناڪاميءَ جي ڊپ پاڻ کي اڪيلو سمجهندوآهي.اڪيلائي پنهنجااهڙا نرم هٿ سيني تي گهمائي ٿي پر زخم گهرا رسائي ٿي.

مارڪيز جي ناول جو وڏو سبق اهو به آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي تاريخ مان نٿو سکي، اهو ساڳيون غلطيون ورجائيندو رهي ٿو.خاندان هجي يا قوم،جڏهن ماضيءَ کي سمجهڻ بدران دفن ڪيو وڃي،جڏهن وڏن جون تڪليفون ۽ غلط فيصلا نون نسلن تائين سبق بدران ٻوجھ بڻجي پهچن، تڏهن اڪيلائي ورثو بڻجي وڃي ٿي.اڪيلائيءَ جو هڪ سبب طاقت، دولت، خواهش ۽ انا به آهي. ماڻهو جڏهن پاڻ کي ٻين کان مٿانهون سمجهي ٿو،تڏهن آهستي آهستي سڀني کان پري ٿي وڃي ٿو.وڏائي دل جي دروازي تي تالو هڻي ڇڏيندي آهي.مال ۽ منصب ماڻهوءَ کي ماڻهن جو مالڪ ته بڻائي سگهن ٿا،پر ڪنهن دل جو ساٿي نٿا بڻائي سگهن.اڪيلائيءَ جو علاج آهي سچي  تعلق ۾ آهي.اهڙو تعلق،جتي ماڻهوءَ کي اداڪاري نه ڪرڻي پوي.جتي هو پنهنجو ڏک چئي سگهي.جتي سندس خاموشي به سمجهي وڃي. ڪڏهن ڪتاب، ڪڏهن دعا، ڪڏهن پنڌ، ڪڏهن موسيقي، ڪڏهن ڪنهن مخلص دوست سان سادي ڳالهه ٻولهه، اندر جي بند ڪمري جي دري کولي سگهي ٿي.