اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اپوزيشن سان ملي ويو، جدوجهد تي اتفاق

جنوري 18, 2025

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندس زال کي سزا کانپوءِ عوام پارٽي پاڪستان جي سربراهه شاهد خاقان عباسي جي گهر اپوزيشن اڳواڻن جي اهم ويهڪ ٿي، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جا اڳواڻ محمود اچڪزئي، اسد قيصر، عمر ايوب، سلمان اڪرم راجه، علامه ناصر عباس ۽ صاحبزاده حامد رضا شريڪ ٿيا، مفتاح اسماعيل ۽ مهتاب عباسي به موجود هئا. اهم ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي چيو ته اپوزيشن اڳواڻ منهنجي گهر آيا، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته آئين جي بالادستي هجي، ان لاءِ ڀرپور آواز اٿارينداسين. سينيئر سياستدان محمود اچڪزئي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان کي بري خبر ملي آهي ته باني کي 14 سال سزا ملي پر سٺي ڳالهه اها آهي ته شاهد خاقان عباسي آئين جي بالادستي لاءِ اسان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهي.

Leave A Comment