اڳوڻو وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ غلام سرور خان پٽ۽ ڀائٽي سميت گرفتار

جُون 21, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف  جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غلام سرور خان کي پٽ ۽ ڀائٽي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي

پوليس موجب اڳوڻي وفاقي وزير غلام سرور خان سان گڏ سندس پٽ منصور حيات ۽ ڀائيٽي عمار صديق کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، غلام سرور خان 9 مئي جي واقعن ۾ گهربل هو

 ذريعن موجب غلام سرور خان کي اسلام آباد جي علائقي ايف 8 ۾ دوست جي گهر مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن خلاف اسلام آباد، ٽيڪسيلا ء راولپنڊي ۾ڪيسز داخل آهن

 ذريعن موجب غلام سرور ايف 8 ۾ پنهنجي دوست جي گهر هڪ ميٽنگ لاءِ ويو هو، اطلاع ملندي پوليس ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو، پوليس موجب اڳوڻي وفاقي وزير کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

Leave A Comment