اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي ساٿين سميت جي ڊي اي ۾ شامل ٿي ويو
ڊسمبر 7, 2023
ميهڙ: اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي ساٿين سميت جي ڊي اي ۾ شامل ٿي ويو آهي
ٻيٽو جتوئي ۾ لياقت علي جتوئي جي جي ڊي اي ۾ شموليت واري جلسي ۾ پير صدرالدين شاھه راشدي به شريڪ ٿيو
غلام مرتضيٰ جتوئي، صفدر عباسي، سيد زين شاھه ۽ ٻين جي ڊي اي اڳواڻن به جلسي ۾ شرڪت ڪئي
لياقت جتوئي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي وارن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، انشاءَ الله هن ڀيري اسان سنڌ ۾ حڪومت ٺاهينداسين، اسان هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي