اڳوڻو چيف جسٽس سرمد جلال عثماني لاڏاڻو ڪري ويو، عدالتي ڪاررائي معطل
اپريل 22, 2025
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس سرمد جلال عثماني ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد 85 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جسٽس سرمد جلا عثمابي جي جنازي نماز ڪالهه نماز حمزه مسجد ڊي ايچ اي فيز 8 ۾ ادا ڪئي وئي, جسٽس سرمد جلال عثماني ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو, سرمدجلال عٽماني 1998ع ۾ سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس مقررٿيو, 2009ع ۾ چيف جسٽس سنڌ ها۽ ڪورٽ مقرر ٿيو, سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فوت ٿيڻ جي اطلاع تي عدالتي ڪاروائي معطل ڪئي وئي, صدر هاءِ ڪورٽ بار سرفراز متيلو ۽ جنرل سيڪريٽري مرزا سرفراز جو چوڻ آهي ته رٽائرڊ جسٽس سرمد جلال عثماني جو عدالتي نظام ۾ اهم رول آهي, هن جا فيصلا اڄ به اهميت جا حامل آهن۔۔۔